گرفتاري جو خوف، ناصر شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي

0
430
 ناصر شاهه پاران پريا ڪماري جي اغوا ۾ سنگرار جي شاهن جي ملوث هئڻ جي ترديد
 ناصر شاهه پاران پريا ڪماري جي اغوا ۾ سنگرار جي شاهن جي ملوث هئڻ جي ترديد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي صوبائي وزير ناصر شاهه نيب جي طلبي بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي، عدالت طرفان 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ناصر شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هُو نيب سان جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي پر خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، نيب سکر ناصر شاهه کان بينڪ اڪائونٽس ۽ ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا هئا، نيب چيو آهي ته ناصر شاهه کي 9 جولاءِ تي نيب سکر ۾پيش ٿيڻ جو چيو ويو هو ، ناصر شاهه ۽ ٻين خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ ۽ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 24 جي تحت ڪارروائي جاري آهي، نيب چيو آهي ته ناصر شاهه کان بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل، ملڪتن جي تفصيل به طلب ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته صوبائي وزير وٽ ٽرانسپورٽ ۽ هيومين ريسورسز جو چارج به آهي.