دوست ملڪ سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالرز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار

0
249
دوست ملڪ سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالرز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار
دوست ملڪ سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالرز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دوست ملڪ سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 2 ارب ڊالرز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن پاڪستان جي معيشت اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، هاڻي وڌيڪ استحڪام پيدا ٿيندو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آئون وزيراعظم ۽ آرمي چيف طرفان سعودي عرب جا ٿورا مڃان ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سٺي اڳڀرائي ٿيندي

هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي 8 ڏهائي 2 ارب ڊالرز جو فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايڪسٽرنل فنانسنگ  جو معاملو طئي ٿي ويو آهي

 ذريعن موجب آءِ ايم ايف 8 ڏهائي 2 ارب ڊالر  جي فنانسنگ گيپ جو منصوبو قبول ڪري ورتو آهي

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي مان فنانسنگ حاصل ڪرڻي آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي دوران چين 3.5 ارب ڊالرز جي فنانسنگ جو انتظام ڪيو آهي