دهشتگردي خلاف هڪ راءِ ٿيڻ ضروري آهي

0
138
پاڪستان جي معاشي حالت ۽ عالمي بينڪ جي ڳڻتي

ملڪ ۾ سياسي تقسيم سماج کي انهي هنڌ اچي بيهاريو آهي جو ڪنهن وڏي سانحي يا حادثي تي به اسان جو ڪو ردعمل هڪجهڙو نه ٿو اچي.بلڪه هر ڪو انهي مان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ ۽ مخالفن کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي سياسي مفادن وارن بيانيو جوڙي ٿو جنهن سان ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملڻ بدران مونجهارا ئي پيدا ٿين ٿا.ملڪ هن وقت به معاشي بحران جو شڪار آهي پر ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ٻن صوبن ۾ ۽ وفاق ۾ الڳ الڳ پاٽين جي حڪومت هئي ته ٻن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي جي ناڻي وارن وزيرن اڳوڻي ناڻي جي وفاقي وزير سان گڏجي اهڙي ڪوشش ڪئي ته حالتون اهڙيون پيدا ڪجن جو آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين ۾ رنڊڪ ٿئي. ان وقت اهو نه سوچيو ويو ته ايئن ڪرڻ سان ملڪي معيشت جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ ان جو نقصان ملڪي دفاع سميت عام عوام کي ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ مخالف پارٽين جي حڪومت اچي چڪي هئي ان کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ اهڙي حرڪت کان به نه ڪيٻايو ويو جنهن سان مجموعي طور ملڪ کي نقصان هو.ٻه ڏينهن اڳ پشاور ۾ خوفناڪ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ تقريبن 93 ماڻهو شهيد ٿي چڪاآهن ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن پر ان حملي تي ڌريون پنهنجي پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي کڻي وڌي رهيون آهن جنهن سان به ملڪ کي ئي نقصان ۽ دهشتگردن کي فائدو ٿي رهيو آهي.

ملڪ هن وقت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ڪري هڪ طرف مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف روزگار جا وسيلا گهٽجي رهيا آهن.جڏهن اڳوڻي حڪومت بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائي وئي ته ان کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي جنهن ڪري به معيشت بهتري طرف نه پئي وڃي جنهن ڪري آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کاسوءِ ٻيو ڪو چارو نه هو پر   اڳوڻي حڪمران ڌر جنهن جي ڪجهه وقت اڳ تائين پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به حڪومتون هيون تنهن ان صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ  آءِايم ايف سان معاهدي ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ انهن ٻنهي حڪومتن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو ثبوت  اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ ٻنهي صوبائي حڪومتن جي ناڻي وزيرن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه هئي جيڪا ليڪ ٿي. ان وقت به هاڻوڪي وزيراعظم مخالف ڌر کي آڇ ڪئي ته سياسي مسئلن کي ڇڏي ڪو ميثاق معيشت ڪجي ته جيئن ملڪ کي هن معاشي بحران مان ڪڍي سگهجي پر ڌريون ان معاملي تي به گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه ٿيون.هاڻي جڏهن پشاور وارو سانحو ٿيو ته اها اميد ڪئي پئي وئي ته جيئن اي پي ايس واري واقعي کانپوءِ سڀني سياسي ڌرين  دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏ ٿي نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو هو هاڻي به هيڏي وڏي سانحي کانپوءِ اهي پنهنجا سياسي مفاد پاسي تي رکي  گڏ ٿينديون پر افسوس ته انهي واقعي کانپوءِ به ڌريون هڪٻئي تي الزام تراشي ڪري رهيون آهن  ۽ انهي مان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي جنهن جي گواهي سوشل ميڊيا توڙي بيان ڏئي رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته هي وقت الزام تراشي جو ناهي ۽ ڪنهن به ڌر جون ڪي پاليسيون غلط  ٿي سگهن ٿيون ۽ انهن تي تنقيد به ٿي سگهي ٿي پر  ان کي اهڙن سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ڪنهن به ريت ٺيڪ ناهي جنهن سان ملڪي مفادن  کي نقصان پهچي.تنهن ڪري هي سياسي ڌرين جو امتحان آهي ته هڪ طرف ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي ته ٻئي طرف انهي دهشتگردي جي وڌندڙ وارداتن کي روڪڻو ۽ ختم ڪرڻو آهي جيڪي ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سڀ سياسي ڌريون گڏجي ويهي ڪا حڪمت عملي جوڙينديون ۽ اهو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديون ته سياسي ۽ تنظيمي مفاد هڪ پاسي جڏهن معاملو ملڪي مفادن جو ايندو ته اهي ڌريون هڪ هنڌ گڏ ويهي سگهن ٿيون.