رياست جي آخري لائيف لائين

0
247
رياست جي آخري لائيف لائين

 پشاور ۾ هن ملڪ جي دهشتگردي جي بدترين واقعن مان هڪ وڌيڪ واقعو 30 جنوري 2023ع تي پوليس لائين ڪالوني جي مسجد ۾ پيش آيو جنهن ۾ هن وقت تائين 93 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن ٻه ماڙ مسجد جي ڍير ۾ اڃان ڪيترا دٻيل آهن انهن لاءِ في الحال ته ڪجھه نٿو چئي سگھجي پر هن واقعي وري پوري ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. تاريخ جو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته شڪارپور ۾ اٺ سال پهريان امام بارگاھه جي مسجد ۾ بدترين دهشتگردي جو سانحو ٿيو هو جنهن ۾ 65 ڄڻا شهيد ٿياهئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا ان سانحي جو شڪارپور ۾ سوڳ ملهائيندي اٺين ورسي ٿي رهي هئي ته شام جو ساڳئي نوعيت سان پشاور جي پوليس لائين واري مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو ٿي ويو. ڇا هي رياست هاڻي به ايتري سگھه رکي ٿي جو هو مسلسل ۽ نه ختم ٿيندڙ دهشتگردي جي بربادي جو بار برداشت ڪري سگھي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ بدترين معاشي بحران کي منهن ڏئي سگھي؟ ملڪ جي تاريخ ۾ خانه جنگيون رهيون آهن ۽ انهن خانه جنگين ۾ مذهبي فرقيواريت جون جنگيون ۽ جھيڙا به رهيا آهن ته ان سان گڏوگڏ نسلي ، قبيلائي ٽڪرائن مان به ملڪ گذريا آهن انهيءَ کان علاوه شديد ۽ سخت سياسي ٽڪراءَ به رياستن جي تاريخ جو هڪ حصو رهندي گذريا آهن انهن ٽڪرائن ،جھيڙن ۽ نفرتن رياستن جي سماجي ۽ سياسي ڍانچن ۾ تمام وڏي تبديلي آندي پر انهن جو خاتمو تڏهن ممڪن ٿي سگھيو جڏهن انهن رياستن جي اندر سياسي قيادتن ۽ سياسي پارٽين رياست جي بقا ۽ عوام جي مستقبل جي لاءِ سخت ڏکيا ۽ عوام دوست اهڙا فيصلا ڪيا جن سان انهن ناسورن جو خاتمو ممڪن ٿي سگھيو ۽ وري انهن بيمارين ۽ ناسورن جو ورجاءُ نه ٿي سگھيو. تڏهن اهي معاشرا ۽ ملڪ سماجي استحڪام قائم ڪري سگھيا نه رڳو سماجي استحڪام قائم ڪري سگھيا پر انهن معاشي ميدان جي اندر به ترقي جي نئين تاريخ رقم ڪئي.

هن ملڪ جي اندر اصل بحران اهو ناهي رهيو ته هتي قدرتي معاشي بدحالي پيدا ٿي هجي ۽ ان معاشي بدحالي سبب سماجي انارڪي يا بک ۽ خانه جنگي پيدا ٿيندي ان الڳ الڳ صورتون اختيار ڪيون هجن، جن ۾ مذهبي يا لساني گروھه وجود ۾ آيا هجن پر حقيقت ان جي ابتڙا آهي جو هتي سماجي ۽ معاشي بدتري کي گندي ۽ غليظ سياسي فيصلن برباد ۽ تحس نحس ڪيو آهي. اسان جي اکين جي اڳيان گذريل اڌ صدي جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن مذهبي ۽ نسلي نفرتون پيدا ڪيون ۽ ڪهڙي قوت ڪرايون ۽ انهن ۾ انهن جا ڪهڙا ڪهڙا مفاد هئا اهي نفرتون ۽ غير سياسي فيصلا هئا جن هن  ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ۽ پوءِ وري تسلسل سان اهائي ڊاڪٽرين پنهنجي طاقتور چنبن سان قائم رهندي تاريخ جي دردناڪ ۽ اذيتناڪ واقعن مان سبق سکڻ جي بجاءِ خود تاريخ کي ئي هڪ نئون سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اسان عالمي سامراجي طاقتن جي دلالي ڪندي افغان جنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي بري طريقي سان ڌڪي ڇڏيوسين. افغانستان جي “ثور انقلاب” کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پهريان مجاهدن جو مورچو بڻياسين ڊالرن جي جھنڪار دهشتگردي جي ڪاروبار کي ڪوڙهه جي مرض جيان ڦهلائي ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ هن ملڪ جي حڪمران ٽولن جڏهن ڏٺو ته سوويت فوجون واپس نڪتيون ته پوءِ وري طالبان اڳتي وڌاياسين تڏهن اهي طالبان اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ٽولن جا ڊارلنگ هئا. انهن طالبانن طاقت پڪڙي ۽ پنهنجو ڦهلاءُ ڪيو ته پوءِ وري اسان وٽ هڪ ٻيو بهترين اصطلاح گردش ڪرڻ لڳو “گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان” گڊ طالبان اهي هئا جيڪي حڪمران ٽولن جي سوچ مطابق سندن چوڻ آکڻ ۾ هئا ۽ بيڊ طالبان اهي هئا جيڪي پنهنجو الڳ مفاد رکندي دنيا جي ٻين ملڪن بشمول ڀارت سان پنهنجا لاڳاپا به رکيا.

نائن اليون کان پوءِ ڊالرن جو وري دور شروع ٿيو ۽ هي ملڪ دهشتگردي جي ويڙھه ۾ پنهنجو پاڻ کي ورهائيندي هن ملڪ جي حڪمرانن غير ملڪي ايڊ کي سڀ ڪجهھ سمجھندي پنهنجي معيشت تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه وري سياست  کي صحيح  رخ ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ سوچيو. بس ايئن بندوق جي طاقت تي پنهنجا سياسي رخ ۽ قبلا جوڙيندي هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بندوق جي ان سياست آخرڪار بيڪ فائر ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اسان پنهنجي سماجي ۽ سياسي بربادي سان گڏوگڏ معاشي بربادي جي هڪ بدترين دور ۾ داخل ٿي وياسين.

ملڪن جي تاريخ ۾ جيئن پهريون ذڪر ڪري آيا آهيون ته برا وقت ايندا آهن انهن معاشي بدحالين جون لڪيرون ۽ سياسي ڪشمڪش جي ٽڪرائن جون لڪيرون پار ڪندي جڏهن ملڪ پنهنجي آخري لائيف لائين جي لڪير تي پهچندا  آهن تڏهن انهن کي اهوئي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ننڍن ننڍن گروهي مفادن جي خاطر ملڪ قربان ٿئي يا اهي مفاد پرست رويا ختم ڪري ۽ طاقتور فيصلا ڪجن. هن وقت پاڪستان تاريخ جي هڪ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته مستقل هن شيطاني سازشن کان آجو ٿئي ۽ بي خوفي سان فيصلا ڪجن جنهن ۾ سياسي فيصلا ئي اهم آهن. جڏهن پاڻ سياسي فيصلن جي ڳالهھ ڪريون ٿا ته انهي جو مطلب رڳو پارٽين جي ڇڪتاڻ جي ڪشمڪش جا فيصلا ناهن پر ملڪ جي اندر مضبوط سياسي نظرين سان پختي بنيادن تي بيهي فيصلا ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ مان گروهي ، نسلي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جا ٽوٽل جو ٽوٽل رويا ختم ڪيا وڃن،

انهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. جيئن چيو ٿو وڃي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ سان ڪنٽرول ٿيندو ته ان جي پوري تشريع ڪندي ملڪ جون پارٽيون پنهنجي رجسٽريشن ۾ اهو معاهدو ۽ اعلان شامل ڪن، وڏي پيماني تي خاص ڪري ميڊيا جي اندر ڀرپور تشريح ڪئي وڃي ۽ انهيءَ جي خلاف ڳالهائيندڙن ۽ عمل ڪندڙن کي ملڪ جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ چيو وڃي ۽ سمجھيو وڃي ۽ انهن تي پوري قانوني طاقت سان عمل ڪندي سختي ڪئي وڃي. هي جيڪا به مذهبي لساني انارڪي آهي انهيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪرڻ هاڻي رياست جي حق ۾ نٿو ٿي سگھي. ساڳئي طرح سياسي فيصلن جو ٻيو حصو  پرڏيهي پاليسي جو سمجھندي ان ئي انداز سان پرڏيهي پاليسي جوڙڻ هن ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.پرڏيهي  پاليسي ۾ هي به شامل ٿيڻ گھرجي ته جيڪو ملڪ سڌي يا اڻ سڌي طرح دهشتگردن جو سهولتڪار بڻجي ٿو انهيءَ سان لاڳاپا محدود ڪجن ۽ اهڙن پاڙيسري ملڪن سان پنهنجا سرحدي لنگھه مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪجن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان هر دفعي افغانستان جي طالبان حڪمرانن کي اها گذارش ڪريون ته هو پاڪستاني طالبان جا سهولتڪار نه بڻجن. هن ملڪ جي عوام دوست سياست کي يا ملڪ جي بقا جي لاءِ سوچيندڙ پارٽين کي هي آخري فيصلو ڪرڻو ئي پوندو ته هو سختي سان افغان حڪومت کان پنهنجا لڳ لاڳاپا رکندي سوچين ته ڪيستائين ۽ ڪيتري حد تائين هلڻو آهي.

جيستائين هن ملڪ ۾ اقتدار پرستي کان هٽي مضبوط رياست جي لاءِ فيصلا نه ٿيندا ان وقت تائين هي ملڪ دهشتگردي ۽ معاشي بحران جي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري نه سگھندو. ملڪن کي خوشحالي ڊالر سون ۽ دولت نٿي ڏئي سگھي جيستائين ملڪي مفاد جي لاءِ مضبوط فيصلا نه ڪيا وڃن، رڳو فيصلا ۽ بيان نه پر انهن تي پوري ايمانداري سان عمل به ٿيڻ گھرجي. سڀ کان وڌيڪ اهو فرض ۽ ڪم سياسي پارٽين جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي يا گڏوگڏ رياست جا ادارا پنهنجي شخصي ۽ ڪرداري سوچن کان نڪري ملڪ جي بقا ۽ قانون کي اهميت ڏئي ثابت قدمي سان انهيءَ تي عمل ڪندا تڏهن هن بحراني دور مان هي رياست نڪري سگھي ٿي. باقي ڪو به دنيا جو سپرطاقت چورائيندڙ ملڪ پنهنجي فوجي ۽ مالياتي طاقت سان ان ملڪ کي نٿو بچائي سگھي جنهن جي اندر خود پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي سوچ فڪر ۽ سگهھ ناهي