فقير پروفيسر عبدالرحمان کھڙو جي رٽائرمينٽ ۽ مڃتا!‎

 

سنڌ جي ناليواري ۽ بهترين ڪاليج جي تعليمي اداري گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب مري جي مان ۾ پارٽيءَ منعقد ڪئي وئي، پارٽيءَ ۾ رٽائرڊ پروفيسرس ۽ مختلف ڪاليج جي پروفيسرس ۽ ليڪچررس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سائين ڊاڪٽر محمد ايوب مري جادو واھڻ گمبنٽ جي ويجھو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري به سندس اباڻي ڳوٺ کان حاصل ڪيائين، ميٽرڪ مراد ھاءِ اسڪول کان حاصل ڪئي ۽ انٽر اسلاميا ڪاليج سکر کان حاصل ڪيائين. ايم اي ڪامرس شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور کان حاصل ڪيائين. سندس گھڻو چاھ علم ۽ ادب سان رھيو. سپلا تنظيم جو اڳوڻو صدر سان گڏ سرگرم ڪارڪن به رھيو، فقيراڻي صوفي طبعيت جو مالڪ آھي. سندس بااخلاق ۽ ڪردار جي ڪري فقير عبدالرحمان عرف اطھر سان ڪچھري جي لاءِ وري وري دل چوندي آھي، ڪا رھاڻ ڪجي. سندس محبتن خدمتن جو اندازو سندس رٽائرمينٽ جي پارٽيءَ مان ھر ھڪ دوست محسوس ڪيو هوندو. پاڻ گورنمينٽ سچل ڊگري ڪاليج راڻيپور ۾، گورنمينٽ بوائز ڪاليج گمبٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪرونڊي، گورنمينٽ سوڀوديرو ڪاليج، گورنمينٽ ڊگري اسلاميه ڪاليج سکر ۽ وري سائين 20 گريڊ ۾ گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور کان رٽائرمينٽ ڪئي. سندس ھڪ خانگي اسڪول  جادو واھڻ ۾ آھي جٿان ڪافي شاگرد پڙھي منزل تائين پھتا آھن. سائين جن جي ھڪ فرزند سي ايس ايس پاس ڪئي آھي، ان کان پھريائين اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري ٿيو ھو. سندس نياڻيون حيدرآباد ۾ پڙھن پيون. غريب شاگردن، مسڪين لڏي ۽ فقيري دل و چاھ سان سندس ميل جول آھي. سندس رٽائرمينٽ پارٽيءَ ۾ پروفيسر سيد اصغر شاھ، پروفيسر محمد ايوب مري، پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر الطاف کھڙو، پروفيسر مير خادم ٽالپر ۽ ٻين تعليمي خدمتن ۽ زندگيءَ تي ويچار ونڊيا ۽ آخر سڀني آيل مھمانن ۽ شرڪت ڪندڙن ۽ سندس مان ۾ شاندار تقريب محمد ايوب مري ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا ۽ سندس زندگيءَ ۽ ٻچڙن جي لاءِ پروفيسر سيد اصغر علي شاھ دعا گھري.

محبت پائي من ۾ رندا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو .

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

پاڪستان ۾ صحت جي سنڀال ۽ ان جا مسئلا!‎‎

 

پاڪستان ۾ 60 ملين ماڻهو غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. فنڊن جي کوٽ سبب ڪيترائي شهري پنهنجون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن انهن جي بيماريءَ جي سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ مقامي اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ نرسن جو تعداد پاڪستان ۾ بيروزگار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. مقامي اسپتالون ضرورتمند ماڻهن جو مفت علاج ڪري رهيون آهن پر وسيلن جي کوٽ سبب هڪ ئي وقت وڏي انگ ۾ مريضن کي سنڀالي نٿيون سگهن. اهو ته جيڪڏهن مريضن کي مقامي اسپتال ۾ جراحي علاج جي ضرورت آهي، انهن کي انتظار جي فهرست جي ڪري وڌايل مدي جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن انهن جو وقت اچي ٿو ته مريض مري وڃي ٿو يا انهن جي صحت خراب ٿي وڃي ٿي، ٻئي طرف ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پنهنجي بيماريءَ کان بي خبر آهن، جنهن ڪري کين بروقت علاج ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پکڙيل آهن ۽ خاص ڪري غريب متاثر ٿي رهيا آهن. ان جا بنيادي سبب ڄاڻ ۽ مالي وسيلن جي کوٽ آهي. (1) مليريا: مليريا پاڪستان جي صحت جي مسئلن مان هڪ آهي. اهو ماڻهن جي اڪثريت کي متاثر ڪري ٿو، هيءَ بيماري مڇرن جي ڪري پکڙجي ٿي، جيڪي گندي پاڻي ۽ گندگيءَ ۾ پيدا ٿين ٿا، جيڪي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پکڙجي وڃن ٿا. مليريا به موتمار آهي جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي. (2) ڪينسر:  هڪ ٻي خوفناڪ بيماري جيڪا پاڪستان ۾ موت جي مکيه سببن مان هڪ آهي،  ڦڦڙن جو ڪينسر ۽ ڇاتي جو ڪينسر، پاڪستان ۾ ڪينسر جا ٻه سڀ کان عام قسم آهن ۽ ڇاتي جي ڪينسر ۾ هر سال 40.000 پاڪستاني عورتن جون حياتيون کسجي وڃن ٿيون. ان جو سبب آگاهي جي کوٽ ۽ صحت جي مناسب سهولتن جي کوٽ آهي. ٻئي طرف، ڦڦڙن جو ڪينسر بنيادي طور تي سگريٽ ڇڪڻ جي ڪري ٿئي ٿو، ۽ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ تماڪ خريد ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. (4) ڊينگي بخار:  2010ع کان وٺي، ماڻهو ڊينگي جي بيماري ۾ متاثر ٿيا آهن ۽ پاڪستان جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا آهن. ڊينگي هڪ وائرل انفيڪشن آهي، جيڪو هڪ خاص مڇر جي چڪ سان پکڙجي ٿو، جنهن ۾ مريض کي بخار، سخت مٿي ۾ سور ۽ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي. ڊينگي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ به ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ هڪ مسئلو آهي. (5) اسڪيمڪ دل جي بيماري: اسڪيمڪ دل جي بيماري پاڪستان ۾ موت جي مکيه سببن مان هڪ آهي. آلودگي، خراب غذا، آلوده پاڻي ۽ سگريٽ ڇڪڻ اهي سڀ عنصر آهن جيڪي ان ۾ حصو وٺندا آهن. پاڪستان جي ٻچن ۽ ڳوٺاڻن برادرين ۾ ماڻهن وٽ وسيلن جي کوٽ آهي. نتيجي طور، وڌيڪ صحت جا مسئلا ۽ موت پڻ ٿين ٿا.

 

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھ

پاڪستان ۽ صنفي امتيازي سلوڪ!

 

پاڪستان جي حوالي سان صنفي امتيازي سلوڪ هڪ اهم مسئلو آهي، گذريل سالن ۾ ڪجهه ترقي جي باوجود، پاڪستان ۾ عورتن کي برابري ۽ بااختيار بڻائڻ جي لحاظ کان اهم رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو. سڀ کان اهم مسئلن مان هڪ ڇوڪرين جي تعليم تائين پهچ جو اڻاٺ آهي، يونيسڪو موجب پاڪستاني ڇوڪرين جو صرف 39 سيڪڙو پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو، جڏهن ته ڇوڪرن جو تناسب 52 سيڪڙو آهي. اهو تفاوت ثانوي ۽ ثانوي سطح تي اڃا به وڌيڪ آهي، جتي ڇوڪرين جو صرف هڪ ننڍڙو سيڪڙو تعليم حاصل ڪري ٿو. تعليم تائين پهچ کان سواءِ، عورتون روزگار ڳولڻ ۽ مالي خودمختاري حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان وڏي نقصان ۾ آهن. ٻيو وڏو مسئلو پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد جي بلند شرح آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان موجب ملڪ ۾ هر سال 1000 کان وڌيڪ عورتن کي “غيرت” جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي. وڌيڪ ته گهريلو بدعنواني ۽ زنا عام آهن ۽ اڪثر ڪري اڻڄاڻايل ۽ غير قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. آخرڪار، پاڪستان ۾ عورتن کي ڪم جي جاءِ تي صنفي امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي تي ٻڌل هجڻ جي باوجود، عورتون ڪم ڪندڙ قوت جو فقط 24 سيڪڙو آهن. جيڪي ڪم ڪن ٿيون، تن کي اڪثر ڪري پگهار ۽ پروموشنز جي لحاظ کان صنفي امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ جنسي حراسانيءَ جو شڪار به ٿين ٿيون. اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان جي حڪومت تازن سالن ۾ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن. مثالطور، حڪومت قانون پاس ڪيا آهن جن جو مقصد عورتن کي تشدد ۽ صنفي امتيازي سلوڪ کان بچائڻ آهي. بهرحال پاڪستان ۾ حقيقي صنفي برابري حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون به عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن کي وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي. نتيجي ۾ پاڪستان ۾ صنفي امتيازي سلوڪ هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ اهو عورتن کي انهن جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ متاثر ڪري رهيو آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز کي وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

محمد آصف/ لاهور

 

هڪ سخي مرد، ڀلوڙ انسان جي يادگيري!

 

ڦل شھر ڀرسان ڳوٺ عبدالڪبير ڦل جو رهواسي چاچو عبدالڪبير ڦل 31 جنوري 2020ڳ تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي هڪ اهڙي سفر تي روانون ٿي ويو هو جتان هن وقت تائين ڪو به واپس نه آيو آھي پر ڪنهن به ڀلي انسان جو جسماني وڇوڙو ته ٿيندو آهي پر سندس ادا ڪيل بهترين ڪردار سبب اهو هميشه لاءِ دلين ۾ ياد رهجي ويندو آهي. چاچو عبدالڪبير ڦل هڪ نهايت شريف، ايماندار، سخي مرد ۽ محبتي انسان هو، سندس ڳوٺ ۾ هن جي اوطاق تي هر وقت ڪو نه ڪو مهمان ضرور ترسيل هوندو هو، اوڙي پاڙي جا غريب مسڪين ڪپڙو کپائيندڙ پٺاڻ يا پري جا ماڻهو هن سان ملڻ لاءِ ايندڙ مهمان هر وقت سندس اوطاق تي موجود هوندا هئا ۽ انهن کي هر وقت جي ماني ۽ چانه پئي ملندي هئي. گڏوگڏ سندس سان حال احوال ڪچھري پڻ هلندي هئي، ايئن انهن کي ڪا به اوپرائپ محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هو، چاچو عبدالڪبير ڦل جڏهن به ڳوٺ کان ڦل شھر ايندو هو ته پنهنجن هر هڪ ڄاڻندڙن سڃاڻندڙن وٽ ڪجھ وقت لاءِ ضرور ويندو هو، هرهڪ کان حال احوال، ڏک سک جو ڳالهيون ڪري ۽ ان جون ٻڌي کين آٿتون ڏئي واپس ڳوٺ موٽي ويندو هو. ان دوران پاڻ مون وٽ ضرور ايندو هو پوءِ پنهنجا ڏک سور سليندو هو ۽ صلاح مشورا ڪري دعائون ڏئي واپس ورندو هو. سندس هڪ خوبي هوندي هئي ته ڪو به سڏ ڀت ڪو به قضيو نه گسائيندو هو، ڦل شھر هجي، کرڙاهه هجي، سيري هجي، ٺري ميرواهه، نوشھروفيروز هجي، مٺياڻي هجي، مطلب ته جتي به سندس واسطو، دوستي برادر هوندي هئي اتي پاڻ ضرور ويندو هو ۽ پنهنجي اولاد پٽن استاد علي محمد ڦل، استاد ولي محمد ڦل ۽ پوٽن عبدالخالق ڦل ۽ ڏوهٽن کي پڻ هميشه اها تلقين ڪندو رهندو هو ته بابا هر هڪ واسطي واري وٽ ويندا ڪريو ۽ اوطاق تي آيل مهمانن کي مانيءَ ڳڀو کارائيندا ڪريو ۽ چانه پياريو، انهن کي عزت ڏيو ۽ اسان کي اها عزت انهن مهمانن جي خدمت ڪرڻ جي ڪري ئي ملي آھي. هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ چاچو عبدالڪبير ڦل جهڙو ماڻهو هڪ املھ ماڻڪ انسان هو. رب پاڪ سخي مرد سخي انسان چاچي عبدالڪبير ڦل جي آخري سفر ۾ به زندگي جيان وڏي عزت ڪرائي، اڄ سندس جي جسماني وڇوڙي کي 3 سال مڪمل ٿيا آهن، ڌڻي پاڪ کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، آمين.

 

محمد خالد ميمڻ /ڦل شھر

 

پيٽرول جون قيمتون وڌڻ بعد عوام سان ٿيندڙ ويل!

 

ملڪ ۾ تازو پيٽرول توڙي ڊيزل جي قيمتن ۾ رپيا في ليٽر اضافو ڪرڻ واري اعلان ٿيڻ شرط ملڪي پيٽرول پمپن تي نون اگھن جون لسٽون لڳائي پيٽرول مھانگائي اگھ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ننڍين وڏين گاڏين جون  قطارون لڳي وڃن ٿيون، ان وقت ئي مسافر گاڏين جي ڀاڙن ۾ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي اضافو ٿي وڃي ٿو جنهن جي ڪري ماڻهو حيران آهن ته اھڙو ڇا ٿي ويو آھي جو ملڪي ٽرانسپورٽ جي گاڏين جا ڀاڙا اوچتو وڌي ويا آھن، نه رڳو گاڏين جا ڪرايا وڌڻ شروع ٿي ويا آهن پر شھرن توڙي ٻھراڙين جي دڪانن تي جيڪا مھانگائي کاڌي پيتي جي عام شين تي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سامان مھانگي اگھ تي وڪرو ٿي رهيو آهي انهي جو مثال پھريون ڀيرو ملي رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن به ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون گھٽجي وينديون آھن ته پيٽرول ايجنسيز توڙي پيٽرول پمپن تي بند ڪيو ويندو آھي يا وري اھو چيو ويندو آھي ته پيٽرول ختم ٿي ويو آھي، پر جڏھن به تيل جي قيمت وڌندي آھي ته يڪدم تيل جا نوان اگھه لاڳو ڪيا ويندا آھن ۽ تيل جي قيمت ۾ واڌ ٿيڻ سبب ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگھ به پاڻ مرادو وڌائي وڪرو ڪيا ويندا آھن. انهيءَ لاءِ ملڪ جو قانون انهي منافعي خورن جي خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي، جنهن جي ڪري مھانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي رھي ٿي، غريب ماڻھوءَ کي ھٿرادو مھانگائي آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. ملڪ جي حڪمرانن مھانگائي جي پرواھ نه ڪندي آءِ ايم ايف جا سمورا انتهائي سخت شرط مڃي ورتا آھن، ڇو ته ملڪ جي وزيراعظم ميان شھباز شريف ڪجھ ڏينهن اڳ چيو ھو ته اسان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃڻ لاءِ تيار آھيون، سو پنهنجو واعدو ھن پورو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جڏھن پرڏيھ مان واپس آيو ھو ته ھن وڏيون ملڪي معيشت کي پنهنجي جاءِ تي آڻڻ توڙي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جون دعوائون ڪيون ھيون پر ھاڻي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار چئي رھيو آھي ته چئن مھينن ۾ ڪجھ به نٿو ٺيڪ ٿي سگھي، جڏھن ته نواز ليگ توڙي اتحادي پارٽين کي حڪومت نٿي ھلائڻ اچي ته پوءِ اجائي واويلا بند ڪري گھر وڃڻ گھرجي ڇو ته ھنن سياسي اتحادي پارٽي پي ڊي ايم رڳو ملڪ ۾ حڪومت ٺاھڻ لاءِ قائم ڪئي ھئي.

 

گل بيگ چانگ/خيرپور

 

ھر شيءِ مھانگي، فقط موت سستو!

 

ملڪ وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين 75 سال گذري ويا آهن پر ملڪ کي ڪو سٺو حڪمران نه ملي سگھيو آهي، ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ فوجي ڊڪٽيٽرن کان ويندي سول حاڪمن تائين سڀ جا سڀ ڪرپٽ ۽ چور ثابت ٿيا آهن، سڀني پنهنجي دور حڪمراني ۾ پنهنجا ناجائز مفاد حاصل ڪيا آهن ۽ قوم، ملڪ جو اونو ڪنهن کي به اڳ ھو نه ھينئر آھي جيتوڻيڪ وقت جي ھر مقتدر پارٽي دعوائون ڪندي آھي ته ھو قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ جاکوڙ ڪري پئي پر ۾ اھو سڄو فقط ڊرامو ۽ سياسي بيان بازي ئي ھوندي آھي، ملڪ جي 75 سالا تاريخ تي نظر وجھنداسين ته ھر پارٽيءَ، ھر حاڪم پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ لٽي ملڪي معيشت تباهه ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻايو آهي ۽ ايئن ئي 5 سالن جي واري وٽيءَ تي لٽيرن ھڪ ٻئي پٺيان ملڪ کي لٽي ڦري تباهه ڪيو آهي، ھر نئين ايندڙ حڪومت عوام مٿان اضافي ٽئڪس لڳائي پنهنجيون عياشيون پوريون ڪندي آھي. ٽئڪسن جي صورت ۾ وڌندڙ مھانگائي جو سڄو بار عوام تي پوندو آھي ۽ عوام پيو نسلن تائين لوڙيندو آھي. ملڪ جو سڄو وھنوار عوامي ٽئڪسن تي ھلي ٿو، جڏھن ته حڪمرانن، بيورو ڪريسي، سياستدانن، ڪامورن کي ٽئڪس به معاف آهي ۽ هو لکين رپيا ماھوار پگھارن سميت اضافي مراعاتون به حاصل ڪري رهيا آهن اهو ڪٿان جو انصاف آھي؟ لڳي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ انڌو قانون آھي، ھن وقت ملڪ جون حالتون اوھان جي آڏو آھن، ھڪ طرف ھڪ ھڪ سياستدان تي کربين رپين جي ڪرپشن جا الزام آھن ته ٻئي طرف جو ڏيوالو نڪري ويو آھي، نتيجي طور ھر ٻئي ڏينهن عوام مٿان نوان ٽئڪس لاڳو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. عوامي زندگيءَ سان سلھاڙيل سمورين ضرورت وارين شين تي ٽئڪس لاڳو آھن، فقط موت تي ٽئڪس نه آھي. ڪرپٽ حڪمرانن جي چال چلت مان لڳي ٿو ته سندن عياشيون پوريون نه پيون ٿين، ھينئر موت تي به ٽئڪس لڳائيندا، ھر پارٽي اقتدار سنڀالڻ بعد ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري ٻي پارٽي جي پاليسين کي مھانگائي وڌائڻ جو ذميوار قرار ڏيندي آھي. 70 سالن کان اھا روش جاري آھي، ڀوڳي ٿو ته فقط عوام، 29 جنوري تي پي ڊي ايم جي 50 پارٽين جي گڏيل حڪومت ھڪ ڌڪ سان پيٽرول، ڊيزل جي قيمتن ۾ 35 رپيا اضافو ڪري عوام جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آھي.

 

اسماعيل بهلڪاڻي/تنگواڻي

 

انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو عوام ۽ مهانگائي ڪندڙ امير حڪمران!‎‎

 

گھڻا انقلابي ڪتاب پڙهياسين، گھڻيون انقلابي فلمون به ڏٺيونسين ۽ ڪيتريون ئي انقلابي تحريڪن جا قصا ٻڌاسين. انهن انقلابي ڪتابن، فلمن ۽ قصن کي جڏهن اسان جي ملڪ جي عوام سان ڀيٽيون ٿا ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ته انقلاب واريون سڀ ڪهاڻيون بيڪار آهن، وقت جو ذيان آهن. جيڪڏهن انقلاب وارين خبرن ۾ سچائي هجي ها ته ايتري مهانگائي هئڻ تي اسان جي ملڪ جو عوام روڊن تي نڪري ها، مذمت ڪري ها، سياسي بائيڪاٽ ڪن ها، ايتري مهانگائي ھئڻ جي باوجود حڪمرانن جون ڪوڙيون تعريفون نه ڪن ها، حڪمرانن جي خوشامنديون نه ڪن ها پر هتان جو عوام ته انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو ٿي تماشو ڏسڻ ۾ پورو آهي، جيڪڏهن ايتريون انقلابي ڪٿائن کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ به عوام انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو هجي ته پوءِ اسان کي ايئن سمجهڻ گهرجي ته اسان جيئرا ئي ناهيون، ڇو ته مذمت ته جيئرا ماڻهو ئي ڪندا آهن! ڪڏهن اسان اهو سوچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اٽي جي لپ لاءِ ڪڏھن ڪنهن حڪمران آپگھات ڪيو هجي، منهنجي جيتري عمر ٿي آهي ته مون ته ڪڏهن به اهڙو ڪو واقعو نه ڏٺو آهي نه ٻڌو آهي، جيڪڏهن اوهان مان ڪنھن ڏٺا آهن ته مهرباني ڪري مون کي به ٻڌائجو جيئن منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي. اٽي جي لپ تي يقين ڪريو رڳو غريب ئي آپگھات ڪندو آهي، اڃا به يقين ڪريو وقت آهي اٿڻ جو، وڙهڻ جو ۽ پنهنجو حق وٺڻ جو! هن ڀيري ته حڪومت حد ڪري ڇڏي آهي، پهرين اوگرا کان بيان ڏياريو ويو ته پيٽرول جون قيمتون نه پيا وڌايون ۽ ٻئي ڏينهن في ليٽر 35 رپيا في ليٽر وڌائي ڇڏيو ويو ۽ اهو به پهرين تاريخ کان اڳ ۾، جيڪو سنئين سڌي ڏاڍ مڙسي آهي. حڪمران پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ بدران سڌو عوام جي کيسي ۾ هٿ وڌا آهن ۽ اتي اسان جون عدالتون به ماٺ آهن، مجال آهي جو ڪا عدالت ان معاملي جو يا ڪنهن غريب جي بک سبب آپگھات ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، باقي اڄايا سياسي ڪيس ٻڌي وقت ۽ پئسا فضول خرچ ڪيا پيا وڃن جيئن اسان جا سياستدان ڪن ٿا! ڇا اسان انهن حالتن ۾ انقلاب جي اميد رکي سگهون ٿا يا انڌا ٻوڙا گونگا رهي حڪمرانن کي امير کان مير تر ۽ غريب کي غريب ترين ٿيندو ڏسندا رهنداسين؟!

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

اميد علي چانڊيو جي وستي کي بنيادي سهولتون ڏيو!

 

هزارين سال پراڻي وستي جيڪا تقريبن 500 گهرن تي ٻڌل آهي پر سوين سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڳالھ رڳو اسڪول، اسپتال يا روڊ تي ختم نٿي ٿئي پر جياپي جون مڙيئي سهولتون هن وستي کي ناهن مليون، سنڌ حڪومت روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي دعويدار رهي آهي، اتي هي وستي حڪومتي نظرن کان اوجھل آهي. هتان جا سوين ٻار علم جي زيور کان محروم آهن، هن ڳوٺ ۾ اسڪول ناهي، هتي ڪيترين ئي بيمارين ڪر کنيا آهن جن ۾ ڪاري سائي، سائي، بلڊ پريشر، دل جون بيماريون، چمڙيءَ جون بيماريون ۽ معدي جون بيماريون ۽ ڄم، بلائن جي ککجڻ جا مسئلا آهن پر ڪا هڪڙي ڀڳل ٽٽل ڊسپيسري به هتي ڪونهي جو ڪو ڪنهن مريض جو علاج ٿي سگهي. هتي ڪو لنڪ روڊ ناهي، نه ئي وري گهٽيون پڪيون آهن، اڏامندڙ مٽي نه رڳو اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن پر موٽر سائيڪل به هلائڻ آزار بڻيل آهي. مسئلا اڃا ختم ناهن ٿيا، سائين، هن وستي ۾ بجلي جو ڪريل پول به نظر نٿو اچي، بجلي به ناهي ۽ 500 گهرن جي وستي اونداهي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏي ٿي، ڳالھ اتي به ختم نٿي ٿئي، هڪ وڏي ۾ وڏو ۽ هزارين ڳوٺن جو اجتمائي مسئلو جيڪو هتان جي هاڪڙي ڍوري جي پل آهي، برساتن سبب ڍورو ته پنهنجي موج مستي ۾ پيو وهندو آهي پر هن وستي جا سوين هاري ناري، مسڪين مزدور مزدوري ڪرڻ بئراجي علائقي ڏانهن ويندا آهن پر هاڪڙي جي هاڪ ۾ پاڻي جي گڙگهاٽن واري آواز جي وهڪري مان ڪٿي ٿا نڪري سگهن؟ چوڻ جو مقصد ته هڪڙي ابتي سبتي ڀڳل ٽٽل پل هجي ته هي مارو پنهنجي ٻچن جي روزگار لاءِ بئراجي علائقن ڏانهن نڪري سگهن پر سندن نصيب ۾  شايد اهو به ناهي. هونئن ته گذريل 15 سالن کان کين اقتدار حڪومت حاصل آهي پر پوءِ به الائي ته ڇو سنڌ حڪومت هر ڀيرو سندن جائز مسئلا حل ناهي ڪري سگهي ۽ اهي مسئلا صرف هن وستيءَ جا ناهن، اهڙيون هزارين وستيون آهن جن سان اهڙا مسئلا آهن. اسين هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي جي سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيد سردارن ۽ سنڌ حڪومت جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صاحب کي عرض ٿو ڪجي ته هن وستي جي مالڪي ڪريو، هن وستيءَ جي ماروئڙن کي جياپي جون بنيادي سهولتون مهيا ڪريو.

 

راهب علي چانڊيو/ ڪنري