دعا منگي ڪيس: ڪورٽ پوليس جا حيرت ڪندڙ انڪشاف، جوابدار گهر ويندا هئا

0
1221

دعا منگي ڪيس: ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا منگي ڪيس ۾ پوليس جي لاپرواهي سبب مک جوابدار جي فرار ٿيڻ واري واقعي ۾ حيرت ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورٽ پوليس ماضي ۾ قيدين تي مهربان رهي آهي، ڪورٽ پوليس جا اهلڪار جوابدارن کي عدالت جي بهاني گهرن جا سير ڪرائيندا هئا

جاچ ۾ چيو ويو آهي ته جيل انتظاميه ڪورٽ پوليس جي روويي تي گذريل سال ٻه ڀيرا ڪراچي پوليس کي خط به لکيا، لکت ۾ شڪايتون ڪرڻ باوجود پوليس نوٽيس نه ورتو

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ خط ايس ايس پي ڪورٽ پوليس ۽ ٻيو خط اي آءِ جي آپريشنز کي لکيو ويو، خطن ۾ واقعن جو ذڪربه ڪيو ويو

خط ۾ چيو ويو ته 10 آڪٽوبر تي قيدي اختر پٺاڻ عدالت کان واپس جيل پرائيويٽ ڪار ۾ اڪيلو پهتو، قيدي ٻڌايو ته ڪورٽ پوليس ٻڌڻي کانپوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، قيدي جيل واپس اچڻ جي بجاءِ فرار به ٿي سگهي پيو

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 25 مئي 2017 تي حسين بخش قيدي ڪورٽ پوليس جي غفلت سبب فرار ٿيو هو، قيدي حسين بخش کي به ڪورٽ پوليس عدالت کانپوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي