خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج اسلام الحق آرائين جي عدالت گمبٽ ٿاڻي جي هڪ منشيات ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل حضور بخش اڄڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ساڍا 4 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪرائي ڇڏيو. جوابدار کي گمبٽ  ٿاڻي جي پوليس 19 جولاءِ 2020 تي سوا ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري سندس خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو هو.