ڪراچي:  پهرين ٽرانسجينڊر ڊاڪٽر سارا گل کي هائوس جاب ملي وئي

0
340
ڪراچي:  پهرين ٽرانسجينڊر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ملڪ جي پهرين ٽرانسجينڊر ڊاڪٽر سارا گل کي جي پي ايم سي ۾ هائوس جاب ملي وئي

وڏي وزير جي ترجمان موجب اڄ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي هئي ته ڊاڪٽر ساره کي فوري هائوس جاب ڏني وڃي

اڄ ڊاڪٽر سارا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر JPMC  پروفيسر شاهد رسول سان ملاقات ڪئي ۽ هائوس جاب آرڊر وصول ڪيو

سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ساره گل کي هائوس جاب ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هر شعبي ۾ ٽرانسجينڊرز کي اڳتي آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کين هر شعبي ۾ عزت ۽ احترام ڏيارينداسين