دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي ريلوي اسٽيشن سامهون ڦر واقعي دوران قتل ڪيل 22 سالن جي دانش جمالي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ، اي پوليس وحيد لغاري کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل وحيد لغاري دانش جمالي جي قتل ۾ جوابدارن جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن شاهد لغاري سندس ڀاء، فريد لغاري سندس سوٽ آهي ۽ ٽيون نياز جمالي جي نالي جي سڃاڻپ ڪئي آهي، نشاندهي ٿيڻ جي باوجود پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي ، مقتول دانش جمالي جي پيء عبدالرئوف ، چاچي محمد امين جمالي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته پوليس کين خاطريون ڪرائڻ جي باوجود 17 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي ، پوليس اڳڀرائي جون دعوائون ڪري ٿي پر گرفتار هڪ به جوابدار ناهي ڪيو آهي ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو