دڙو (ن پ ا) دڙو لڳ ابڙال روڊ تي هفتو اڳ ٻنون پوليس جي حد ڳوٺ حاجي ابڙو ۾ قتل ڄاڻايل 26 ورهين جي ڳورهاري مسمات عابده ڪنڊرا جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتولا جي پيءُ بشير احمد ڪنڊرا جي فرياد تي عورت جي مڙس شاهنواز ڪنڊرا ۽ سهري لونگ ڪنڊرا تي ٻنون پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مقتولا جي پيءُ بشير احمد ڪنڊرا پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته عابده جو مڙس شاهنواز ۽ سندس گهروارا ڪيترن ڏينهن کان وٺي کيس مارڪٽ ڪندا هئا جنهن کان تنگ اچي منهنجي نياڻي سندن سامهون گهر ۾ زهر پيتو ۽ هنن پوءِ به کيس نه بچايو ۽ هوء تڙپي تڙپي گهر ۾ مري وئي جنهن جو هنن اسان کي اطلاع ڏنو هوڏانهن ٻنون پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪري ناري جي مڙس ۽ سهري کي گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون .