دادو (رپورٽر) دادو ۾ پوليس هيڊ ڪواٽر سامهون 70 سالن جي پيرسن دوڪاندار محمد عرس لغاري تي پوليس اهلڪار مبينا طور پستول تاڻي وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، دوڪاندارن وچ ۾ پئي پيرسن کي ڇڏائي ورتو، پيرسن زخمي حالت ۾ ايس ايس پي دادو آڏو دانهيو آهي ته مان مسجد جي دڪانن جي مسواڙ وٺي رقم مان مسجد جو مرمتي ڪم، بجلي جو بل جمع ڪرائيندو آهيان پر پوليس اهلڪار حفيظ منگي جيڪو مسجد جو پيش امام به آهي، سڀني جي سامهون پستول تاڻي مون تي لتن مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪيو، ايس ايس پي اهڙي شڪايت تي ايس ايچ او بي سيڪشن کي جاچ جو حڪم ڏنو، پيرسن محمد عرس لغاري مطالبو ڪيو ته مٿس تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪار جيڪو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.