ڀٽ شاهه (ن پ ا) گرين رورل ڊوالپمنٽ آرگنائيزيشن جو چيئرمين ۽ سياسي سماجي اڳواڻ غلام حيدر ملوکاڻي ڦڦڙن جي تڪليف سبب ڪراچي جي هاشماڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو سندس عمر تقريبن 63 سال هئي، غلام حيدر ملوکاڻي بيماري سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو. جنهن جي جنازي نماز سندس ڳوٺ شير خان ملوکاڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن توڙي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.