دادو (رپورٽر ) جوهي جي بازمال کوسو ڀرسان هفتو اڳ پي ٽي آءِ دادو ضلع جي صدر عاشق زئونر جي زمين تان 36 پليٽون چوري ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ عاشق زئونر جي برادري جي هٿيارن سان مسلح ماڻهن تلاڻي پنهور ڀرسان چوري ڪيل پليٽون سان لوڊ ٿيل ڊاٽسن هٿ ڪري 2 ڄڻن ممتاز ڀنڊ ۽ عبدالستار خاصخيلي کي پڪڙي دادو ۾ عاشق زئونر جي اوطاق تي پهچايو، جتي ڊي ايس پي جوهي نور محمد سهرياڻي، ايس ايچ او بي سيڪشن ۽ ٻيا اهلڪار پهتا ، انهيءَ دوران عاشق زئونر صحافين کي ٻڌايو ته سندس زمين تان 36 سولر پليٽون چوريون ٿيون ، پوليس نه ڪيس داخل ڪيو نه ئي مدد ڪئي منهنجي برادري جي ماڻهن چورن کي پڪڙيو آهي، هن دانهيو ته دادو ۾ ڏوهي وارداتون وڌي ويون آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري بعد ۾ پڪڙيل ڊاٽسن ڊرائيور عبدالستار ۽ ممتاز ڀنڊ کي پوليس حوالي ڪيو آهي.