بدين/ ٽنڊو باگو (نمائندا) نامعلوم شرپسندن سنڌياڻي تحريڪ جي ڪامريڊ صالحان گوپانگ جي قبر کي نقصان رسائي، تربت تي عوامي تحريڪ جو لڳل جهنڊو به لاهي ويا. خبر موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات نامعلوم شرپسند سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مختلف سياسي تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ صالحان گوپانگ جي درگاھ لواري شريف جي قبرستان ۾ موجود قبر تان عوامي تحريڪ جو لڳل جهنڊو لوهي پائيپ اکيڙي فرار ٿي ويا. تربت جي پڻ بي حرمتي ڪئي وئي. ٻئي پاسي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا هاليپوٽو، بيگم زئور، بيگم ٽالپر، جنت هاليپوٽو، ساجده خاصخيلي، ڪائنات هاليپوٽو ۽ ٻين پنهنجي ان حوالي سان ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته بدين ضلع جا ڀوتار ۽ ڪامورا لواري شريف ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت بدامني ۽ افراتفري وارو ماحول پيدا ۽ هٿ وٺي دشمنيون پيدا ڪرائي علائقو خالي ڪرائڻ چاهين ٿا. ساڳئي پلان تحت هيستائين وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي چڪو آهي، تازو واقعو پڻ ساڳي سازش جي ڪڙي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سورمي صالحان گوپانگ جي قبر کي نقصان رسائيندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾ بدين ضلعي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.