دادو (رپورٽر ) دادو اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب سرفراز پنهور جي ٻن سالن جي معصوم پٽ علي پيء جي هنج ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، نينگر جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پهت ته نينگر جي پيءُ ۽ ٻين وارثن ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون، اسپتال ۾ مقرر اهلڪارن پاران نينگر جي وارثن کي ڊاڪٽرن سان منهن ماري کان روڪيندي کين اسپتال مان نڪري وڃڻ جو چيو ته اهلڪارن ۽ نينگر جي وارثن ۾ پڻ منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون، نينگر جي پيءُ سرفراز پنهور ۽ ٻين وارثن دانهيو آهي ته هو صبح جو 8 وڳي ٻن سالن جي علي کي بخار سبب دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهتا ته ڊاڪٽر موجود نه هئا جنهن کان پوءِ کيس ٻارن جي وارڊ کڻي پهتاسين ته اتي به ڊاڪٽر موجود نه هئا اهڙي طرح ٻن ڪلاڪن تائين نينگر کي ايمرجنسي وارڊ ۽ ٻارن جي وارڊ جا چڪر ڪاٽيندا رهياسين پر ڊاڪٽر نه پهتا نتيجي ۾ نينگر علي پيءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو ، ان کانپوء ڊاڪٽر پهتا جن الٽو اسان کي وڌ گهٽ ڳالهايو ۽ پوليس اهلڪار به اسان تي هٿيار تاڻيو ، نينگر جي وارثن دانهيو ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب نينگر به اسان جو فوت ٿيو ۽ گارگند ڪري هٿيار به اسان تي تاڻيا ويا ، هنن چتاء ڏنو آهي ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ساڻن انصاف نه ڪيو ويو ته عدالت ۾ ڊاڪٽرن خلاف درخواست داخل ڪندا. ٻئي دادو اسپتال جي سول سرجن ڊاڪٽر پير غلام حسين جو چوڻ آهي فوتي نينگر کي وارث صبح جو 8 وڳي اسپتال کڻي آيا ٻارن جي وارڊ ۾ کيس طبي امداد ڏني سندس حياتي بچائڻ لاء ڊاڪٽر الابخش ڪوريجو محنت ڪئي پر نينگر ۾ رت جي شديد کوٽ سبب دل ڪم ڪرڻ ڇڏي وئي هئي، جنهن سبب نينگر فوت ٿي ويو.