دادو (رپورٽر ) دادو شهر جي دادو لاڙڪاڻو روڊ تي سرڪٽ هائوس ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل فٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ سبب ڊي سي آفيس جي ملازم غلام رسول ملاح جو 15 سالن جو پٽ تنوير سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي نيو ويو، جتي 15 سالن جو تنوير ملاح زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب فوتي تنوير جي آڏو ٻي موٽر سائيڪل اچي وئي، جنهن کي بچائيندي سندس موٽر سائيڪل فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي ۽ هو فوت ٿي ويو.