خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ محمد هاشم ڀٽيءَ جي رهواسي شوڪت علي ولد امام ڏنو ڀٽي خيرپور پهچي پنهنجي ئي برادري جي بااثرن شفيع محمد ڀٽي، عابد علي ڀٽي، علي حيدر ڀٽي، ضمير علي ڀٽي ۽ منير عرف ملان ڀٽي خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مون شفيع محمد ڀٽيءَ کان اٽڪل 8 سال اڳ ديهه ڌڪڙ تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ پلاٽ خريد ڪيو ۽ ان تي پورهيو ڪري گهر ٺهرائي ٻارن سميت رهان ٿو هاڻي لالچ ۾ اچي شفيع محمد ڀٽي ۽ سندس ساٿي گهر خالي ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ انڪار ڪرڻ تي روزانو هٿيار ساڻ ڪري مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.