ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ڀرسان بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، سيپڪو اگهور ننڊ ستل، خبر موجب ڏوڪري باءِ پاس لڳ ڳوٺ وڪڙو وٽ تيز هوا سبب ڪريل بجلي جا ٿنڀا اڃا تائين کڙا نهن ڪيا ويا، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن شڪايتون ڪندي ٻڌايو ته بجلي جا 2 ڏينهن کان ٿنڀا ڪريل آهن، پر سيپڪو عملدار انهن کي ٺاهڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن سيپڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته تيز هوا ۽ برسات سبب بجلي جا ٿبڀا ڪريا آهن، جن مان بجلي ڪاٽي وئي آهي، هنن چيو ته ڪريل ٿنڀن جي جاءِ تي ٻيا نوان ٿنڀا جلد لڳايا ويندا، مرمتي ڪم جاري آهي.