مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز لنڪ روڊ تي مبينا طور غيرقانوني پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڀريل آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھزارين ليٽر تيل ضايع ٿي ويو، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ان ڏس ۾ کاڻوٺ ڀرسان لاکڙا ڪول مائينز ۾ مبينا غيرقانوني طور پيٽرول ۽ ڊيزل جا ھزارين ليٽر کڻي ويندڙ آئل ٽينڪر اوچتو بريڪ فيل ٿيڻ جي ڪري ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ھزارين ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل ضايع ٿي ويو۽ ڊارئيور سليمان بروھي زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته صبح سوير پوليس کان لڪايل غيرقانوني پيٽرول ۽ ڊيزل کڻي ويندڙ ٽينڪر سان حادثو پيش آيو پوليس غيرقانوني تيل هٿ اچڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي. ڪول مائنز ايس ايڇ او علي پريو جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪيون پيا.