خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي “سنڌوءَ ۾ آ ساهه اسان جو” عنوان تحت مقامي پرائيويٽ اسڪول ۾ شاندار ايڪتا ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران روهڙي واري لئنسڊائون پل، موهن جو دڙو، درگاهه لعل قلندر شهباز ۽ ٻين اهم ماڳن جي نمائش ڪئي وئي. ڏسندڙن شاگردن جي محنت ۽ سندن صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ والدين، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين (اڄ) ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ پبلڪ اسڪول ڪولاب جيئل ۾ پڻ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ارشاد ابڙو، مظھر گل ابڙو، مبين ابڙو، شجاعت ابڙو چيو ته 5 ڊسمبر تي (اڄ) سنڌي ويس وڳا پائي ريليون ڪڍيون وينديون.