سوال/سروي سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو: ايڪتا قومي عيد آهي، ڀرپور نموني ملهائينداسين: عوام

0
525
سوال/سروي سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو: ايڪتا قومي عيد آهي، ڀرپور نموني ملهائينداسين: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو جي سري هيٺ ايڪتا ڏينهن اڄ ڀرپور نموني ملهايو ويندو، اوهان ڪهڙيون تياريون ڪيون آهن؟ ڪٿي ۽ ڪيئن ايڪتا ڏينهن ملهائيندا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، ڀرپور نموني ايڪتا ڏينهن ملهايو ويندو، ايڪتا اسان جي ٽين عيد آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي امجد اعجاز منگي لکيو ته مقصودو رند جي المهراڻ انگلش ميڊيم اسڪول پاران ڀرپور تياريون ٿي چڪيون آهن. اسڪول جي اڱڻ تي ايڪتا تقريب رکي وئي آهي.

خادم گهراڻو لکيو ته ايڪتا ڏينهن تي مختلف ريليون نڪرنديون، رزاق عاصي لکيو ته قومي عيد جون سڀ تياريو مڪمل آهن، پنهنجي ٻچڙن سميت ڀرپور نموني قومي ڏهاڙو ملهائي دنيا کي پيغام ڏبو ته سنڌين پنهنجي ثقافت ناهي وساري.سارنگ منير سومرو لکيو ته تياريون عيد جيتريون ئي آھن ھي سنڌ جي ٽئين عيد آھي، گل زيب ساند لکيو ته اسان ڳوٺ پھڻاريو تعلقو ننگرپارڪر ضلع ٿرپارڪر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جوش جذبي سان ملهائينداسين، صاحب سنڌي لکيو ته اسان پنھنجي ڳوٺ ڏوتڙ ڪپري ۾ ايڪتا ڏهاڙو عيد وانگر ملهائينداسين، شنڪر باغي لکيو ته چيلهار ۾ ايڪتا تقريب ۾ شرڪت ڪبي، عبدالستار بلوچ لکيو ته اسان پنهنجي ڳوٺ ولي محمد لنڊ ۾ هڪ پروگرام رکيو آھي، انتظار حسين ڦل لکيو ته ٽوپي اجرڪ ۽ بوسڪي جي پٽڪن سان سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين وانگر ٺري ميرواھ کرڙاھ ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، ايم اعجاز سومرو لکيو ته اسان جي سال ۾ هي ٽين عيد هوندي آهي،

لطف سنڌي، اسلم هنڱورجو به سروي ۾ حصو ورتو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نيوڇور ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، عالم پالاري لکيو ته ھرسال جيان ڪوھستان واسي ھن ڀيري سنڌو تو ۾ ساھ اسانجو سري ھيٺ ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھائيندا، آسودومل لوهاڻو لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان سنڌين جي قومي عيد آهي ان عيد جو سهرو علي قاضي صاحب ڏانهن وڃي ٿو، ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان اڳ جيان پنهنجي شهر ميرپوربٺورو ۾ ڀرپور نموني ايڪتا ڏهاڙو ملهائينداسين، پرويز علي لکيو ته اسان پنهنجي عيد زور شور سان ملھائينداسين، رضا راڄپر لکيو ته ايڪتا جو ڏينهن علي قاضي جي ڏنل سلوگن سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو جي سري هيٺ ريلي ڪڍنداسين، سريش ڀيل لکيو ته اسان سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ڏيئي شهر ۽ ٽنڊوباگو ۾ ريلي ڪڍنداسين، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته ايڪتا ڏينهن جوش جذبي سان ملهائينداسين، مڪيش ڪمار لکيو ته ڪوٽ غلام محمد ۾ ريلي ڪڍنداسين، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته اسين ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان ملهائينداسين،

اياز علي راهوجو، حماد الله ڪنڀر، محمد صادق سومرو، اياز علي به سروي ۾ حصو ورتو، ظفر رند لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو مقصودور رند شھر م ڀرپور نموني ملهائبو، بشير ميراڻي لکيو ته عيد وانگر ميرپور بٺور ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين،عابد ڀٽي لکيو ته ايڪتا ڏينهن اسان حيدرآباد ، جي هنج سنڌو درياهه جي ڇولين سان گڏ ملهائيندا سين، امداد ساگر پنهور لکيو ته سنڌو تو ۾ ساھه اسان جو عنوان سان شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن کي پاڻي ڏيندڙ بيگاري ڪئنال کي گلن جي ڀيٽا ڏينداسين، سمير احمد لکيو ته روزاني پنهجي اخبار ڪراچي ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو واهي پانڌي ۾ ملهائينداسين، شهزاد ڀرڳڙي لکيو ته راڄوخاناڻي شھر ۾ ايڪتا تقريب ملھائينداسين، بشير رضا مهر لکيو ته هر ڏينهن ثقافت طور ملهائبو،

راسومل لکيو ته ڪراچي ۾ ايڪتا عيد ملهائينداسين، الله رکيو سيال لکيو ته قاضي احمد ۾ ريلي ڪڍنداسين،حفيظ الله لکيو ته عيد وانگر ايڪتا ڏينهن آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان اجرڪي ڪپڙن مان وڳو تيار ڪرايو آهي ايڪتا ريلي ڪرونڊي ۾ نڪرندي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ايڪتا ڏھاڙو اسان سنڌين جي قومي عيد آھي ان عيد جو سھرو علي قاضي صاحب ڏانهن وڃي ٿو مٺي ۾ ڏينهن ملهائبو، احسان عيسيٰ لکيو ته صبح ڏھ وڳي ٻيلو شھر ۾ پروگرام ٿيندو، ساحل ڪمار لکيو ته اسان پنهنجي شھر ٽنڊو محمد خان ۾ ھڪ بھترين ريلي جو پروگرام ڪنداسين، راشد لطيف ۽ هالار ياسين، لال محمد رند، واحد بخش منظور ڪنڀر، نياز ڏاهري، امان الله چانڊيو، شهباز علي به سروي ۾ حصو ورتو، نادر اڄڻ لکيو ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، منيش واسو لکيو ته سڀني کي ايڪتا ڏينهن جون مبارڪون هجن،

ثناءُالله چنا لکيو ته ايڪتا جي تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ اجرڪ ٽوپي ۽ نئون جوڙو تيار ڪرايو آهي پيروسڻ ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڀرپور نموني ايڪتا عيد ملهائينداسين، شاهجهان رند لکيو ته ڪراچي ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، شمس الدين رند لکيو ته تعلقي ڇاڇرو جي ڳوٺ سمون رند ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا ڏينهن ملھائينداسين، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، نندلال به سروي ۾ حصو ورتو، سينگار علي لکيو ته سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو عنوان سان صبح جو فريدآباد شھر جي غريب ھارين جي زمينن کي پاڻي ڏيندڙ بيگاري ڪئنال ۾ گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪنداسين، مسرور شر، جمشيد منگي،،شبير احمد سهتو، لياقت علي ڀنڀرو، واحد بخش نندواڻي به سروي ۾ حصو ورتو.