خيرپور۾ پورهيت پوليس وردي پهريل هٿياربندن هٿان مبينا طور کنڀي گم

0
226
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

خيرپور(ن پ ا) الهه آباد ڪالوني مان پورهيت پوليس وردي پهريل هٿياربندن هٿان مبينا طور کنڀجي ويو، پيرسن والد جو خيرپور ۾ احتجاج، سوهو ڪناسرا پوليس مٿان نوجوان کي کنڀڻ ۽ آزاديءَ لاءِ رشوت گهرڻ جا الزام، والد عطا محمد مري جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن منهنجي پٽ علي ڏنو مري کي گهران سڏي پوليس وردي ۾ هٿياربند پوليس موبائل ۾ کنڀي کڻي ويا، پوليس پٽ جي آزاديءَ لاءِ 50 هزار رپيا رشوت گهري رهي آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پٽ کي مخالفن جي چرچ تي کنڀي گم ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي.