ميرپورخاص: مهمان ٿي آيل ٽنڊو قيصر واسي نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

0
283
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص جي علائقي مهاجر ڪالوني ۾ مينهن جي واڙي تي بجلي جو مبينا ڪرنٽ لڳڻ سبب مهمان ٿي آيل ٽنڊو قيصر واسي نوجوان 23 ورهين جو بلال سولنگي فوت ٿي ويو جنهن لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوتي جي ماسات راجه جو چوڻ آھي ته بلال 2 مهينن کان ميرپورخاص ۾ مزدوري ڪندو هو اڄ واڙي جي ڇت تي گارو ڪرڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.