اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اسلام آباد نوري آباد پاور پلانٽ ڪرپشن ريفرنس ۾ ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه چيو ته ھي ڪيس ٺھي ئي نٿو، نيب متعلق گھڻو ڪجھه چئي چڪو آھيان. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ناصر جاويد رانا نوري آباد پاور پلانٽ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل ارشد تبريز موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد ڪيس جي ڪارروائي اڳتي نٿي ھلي سگھي. ٻي عدالت ۾ ڪيس منتقل ٿيو. واپس نيب کي اچي ويو. سڀني کي ڪراچي مان اچڻو پوندو آھي. اڄ ڪلھه خرچ به وڌيڪ آھي. ڊگھي تاريخ ڏني وڃي. جج ناصر جاويد رانا رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي جو انتظار ڪري ٿا وٺون. عدالت نوري آباد ريفرنس تي ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد شاھه چيو ته عدالت اسان کي گھرائيندي آھي ان جو ڪم آھي اسان اچي ويندا آھيون. نيب متعلق گھڻو ڪجھه چئي چڪو آھيان ٻيو ڇا چوان؟ ھي ڪيس ٺھي ئي نٿو، پنجاھه ٻڌڻيون ٿي چڪيون آھن. صرف خرچ ڪڍي وٺو ڪيترو ٿيو ھوندو. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ صحافيءَ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي ڪڻڪ جي پيداوار چاليھه لک ٽن کان مٿي آھي. نگران حڪومت جي زماني ۾ ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي اھو اسٽاڪ موجود آھي. ان ڪري قيمتن جو مسئلو آھي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته ھارين کي فصل جا پورا پئسا ملن.