ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان سال اڳ  گرفتار ٿيل جوابدار حنيف عرف بلو بادشاهه سينٽرل جيل مان غائب، وارثن پاران ڪوڙي مقابلي ۾ مارجڻ جو خدشو، سنڌ هاءِ ڪورٽ  پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوجوان کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران لاڳاپيل پوليس آفيسر، گهرو کاتي جو فوڪل پرسن ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر پيش ٿيا، ان موقعي تي گم ٿيل محمد حنيف جي امڙ پنهنجي وڪيل ذريعي موقف اختيار ڪيو ته هڪ سال اڳ منهنجي پٽ کي ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ مان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار کڻي ويا هئا،کيس 2020ع جي پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، پوليس کيس  فيبروري 2024ع ۾ جيل مان غائب ڪري ڇڏيو آھي، وڪيل وڌيڪ چيو ته خدشو آهي ته پوليس محمد حنيف کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي محمد حنيف عرف بلو بادشاه کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي حنيف بازياب نه ٿيو ته پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.