خانپور/چڪ (رپورٽ: صفي الله سيٺار/ آزاد مهر) خانپور ويجھو ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنھن تڪرار تان جتوئي برادري جي سعد خاناڻي ۽ ڪمالاڻي ڌرين ۾ جهيڙو، جديد هٿيارن سان هڪٻئي تي فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ عورت ۽ واٽهڙو سميت 7 ڄڻا زخمي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، رهواسي گهرن تائين محدود، پوليس دير سان پهتي، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ. خبر موجب خانپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ڳوٺ پناهه شجراع ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنھي ڌرين ھڪٻئي خلاف جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ڪمالاڻي ڌر جا 2 ڀائر ساماڻو، حضور بخش، رمضان ڪمالاڻي جتوئي ۽ راوت ڪمالاڻي جتوئي، جڏهن ته سعدخاناڻي جتوئي ڌر جو بخشل خاناڻي جتوئي گولين جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته ھڪ عورت مسمات شھزادي، ممتاز ڪمالاڻي جتوئي ۽ ھڪ واٽهڙو نظر محمد بڊاڻي جتوئي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌرين ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڇتي فائرنگ ھلندي رھي جنھن سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا، واقعي بعد سموري علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پھتي، جنھن سبب مقتولن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رھيا ۽ زخمي تڙپندا رھيا، بعد ۾ ڪجھه ڪلاڪن کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پھتو، جنهن بعد پوليس مارجي ويلن جا لاش خانپور تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، اسپتال ۾ موجود مقتولن جي لاشن سان گڏ آيل عورتون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ماتم ڪنديون رهيون ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏينديون رهيون. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.