خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر جي ڳوٺ لوھي واسي ٻن پورھيتن شعبان ملڪ ۽ خيرمحمد ملڪ جي بازيابي لاءِ وارثن نبي بخش ملڪ، شبيرملڪ، اما بخش ملڪ، جان محمد ملڪ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 6 ڏينھن اڳ شعبان ۽ خيرمحمد ملڪ اغوا ٿيا، ڌاڙيلن بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ ڀنگ گھريو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ٻنھي ڄڻن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، موٽرسائيڪلون ڀاڙي تي ھلائي گھر جو گذر سفر ڪندا آھيون، ھڪ ھزار جي حيثيت به ناھي ته هڪ ڪروڙ ڪٿان آڻينداسين؟ ھنن چيو ته ٻنھي نوجوانن جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، پر گھوٽڪي پوليس ھن مھل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو.