حڪومتي ادارن 2017ع کان 2022ع تائين مهانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي: آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ انڪشاف

0
31
حڪومتي ادارن 2017ع کان 2022ع تائين مهانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي: آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ انڪشاف
حڪومتي ادارن 2017ع کان 2022ع تائين مهانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي: آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ انڪشاف

آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2017ع کان 2022ع تائين سرڪاري ادارن طرفان مهانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي

آڊيٽر جنرل جي سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته نجي شعبي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ۽ پاسڪو کان سستي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي

سرڪاري کاتن ٽي سي پي ۽ پاسڪو پاران ڪڻڪ جي مهانگي درآمد سبب قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهتو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن طرفان مهانگي ڪڻڪ جي درآمد سبب قومي ناڻي کي 31.32 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو

آڊٽ رپورٽ ۾ سال 2017ع کان 2022ع تائين درآمد ٿيل ڪڻڪ جو ڊيٽا سامهون آندو ويو آهي

رپورٽ موجب ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمتن جي ڀيٽ نه ڪئي وئي

ٽي سي پي 274 ڊالر ۽ پاسڪو 282 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪئي، جڏهن ته خانگي شعبي 250 ڊالر، 255 ۽ 262 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪئي

مهانگي ڪڻڪ جي درآمد سبب پاڪستان ۾ اٽي جا اگهه وڌي ويا ۽ عام صارف استحصال جو شڪار ٿي ويو ۽ مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پيو