ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سپريم ڪورٽ جي فيصلي آجيان  ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي پوري ملڪ جون اسيمبليون ٽوڙي آئين مطابق 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائي، ڪالهه جي ڊي اي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي ،سيد زين شاھ، سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني ليڊر حسنين مرزا ۽ ٻين فنڪشنل ليگ ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان معاشي ۽ آئيني بحران ۾ ورتل آهي، آئين ۾ واضح طور ڄاڻايل آھي ته خالي سيٽن تي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ٿيڻ  گهرجي، جيڪي حڪمران ھڪ ڏينھن ۾ پوري ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ چاھين ٿا، انھن کي گھرجي ته ملڪ جون سموريون اسيمبليون ٽوڙي ھڪ ئي ڏينھن ۾ اليڪشن ڪرائين، هنن چيو ته هن وقت حڪمران جماعتون اليڪشن کان ڀڄڻ چاھين ٿيون، موجودہ عدالتي فيصلو انصاف تي ٻڌل آھي، هنن چيو ته حڪمرانن پاران پارليامينٽ اندر ۽  ٻاھر معزز ججن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، جنھن جي مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته ججن ادارن جي عزت رکي آھي، اسان چاھيون ٿا ته آئين جي بالادستي قائم رھي، هنن چيو ته  سنڌ جو عوام جي ڊي اي جو ساٿ ڏئي، ايندڙ اليڪشن ۾وڏا،وڏا بت ڪرندا،