ميرپوربٺورو. (ن پ ا) رمضان شريف جي مهيني ۾ ظلم جي انتها، نامعلوم عورتن تازي ڄاول ٻارڙي کي واھ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، علائقي جي ٻارڙن ٻارڙن پاران پٿر هڻڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي پبلڪ پارڪ واري علائقي مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي، علائقي ۾ موجود دڪاندارن موجب صبح سوير ٻه نامعلوم عورتون شهر وچ مان وهندڙ فتح واھ ۾ پلاسٽڪ جي ٿهيلي اڇلائي ويون، جڏهن ته ڪجهه دير بعد ٻارڙن واھ ۾ وهندڙ ٿهيلي کي پٿر هنيا ته ان مان رت وهڻ شروع ٿي ويو، ٿيلي ٻاهر ڪڍڻ تي معلوم ٿيو ته تازو ڄاول ٻارڙو موجود هو جيڪو ٿهيلي ۾ پٿر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته تازي ڄاول ٻارڙي جو ناڙ به نه ڪٽيو ويو هو، هوڏانهن اهڙي واقعي تي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽائون ڪميٽي جي عملي جي مدد سان پبلڪ پارڪ لڳ موجود قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.