حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪي شاهه واري علائقي ۾ ناري جو گهر مان لاش هٿ آيو آهي، موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. ٻڌايو پيو وڃي ته مڪي شاهه جي علائقي ۾ دواٻا پوليس لائين واري علائقي جي گهر نمبر 35 مان 24 سالن جي ناري فرحه عرف پرهه ڌيءُ گل حسن کوسو گهر ۾ پراسرار نموني بيهوش ٿي وئي جنهن کي سندس وارث علاج لاءِ سول اسپتال کڻي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ناري جي واقعي بابت سول اسپتال جي انتظاميا مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس نه پهتي ان ڪري وارث سندس لاش بنا پوليس ڪارروائي جي واپس گهر کڻائي ويا. سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ناري فرحه بابت سندس وارثن ٻڌايو آهي ته هو گهر ۾ ٺهيل باٿ روم ۾ ڪري بيهوش ٿي هئي جڏهن ته علائقي ۾ افواهه آهن ته ناري گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي مبينا آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن ناري واقعي بابت مڪي شاهه ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد علي ڌامراهه سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.