حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 30 ڪلو چرس ڪيس مان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج احسان خان دراني سانگهڙ واسي عبدالواحد بروهي کي سندس وڪيل غلام الله چانگ ۽ ايڊووڪيٽ شاداب ڪيهر جا دليل ٻڌڻ بعد بري ڪيو. ڀٽائي نگر پوليس پهرين مارچ 2021ع تي جوابدار خلاف 30 ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ فريادي اي ايس آءِ ناصر راجپوت ڄاڻايو ته ڄام شورو روڊ تي جوابدار گرفتاري جي خوف مان پنهنجي ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو هو. ڪار تحويل ۾ وٺي تلاشي ورتي ته ڪار مان کين 30 ڪلو چرس هٿ آيو. ابتدائي طور جوابدار هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي.