حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سڪرنڊ شگرمل جي ملازمن بحالي لاءِ پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ملازمن ڪامريڊ اقبال، محمد جمن ڏاهري، غلام قادر ڪيريو، غلام قادر انڙ ۽ ٻين جي چيو ته 3 سالن جي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪرڻ تي ملازمن مٿان من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام هڻي انتظاميا ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪيس ليبر ڪورٽ ۾ پڻ هلندڙ آهي پر ليبر ڪورٽ ڪافي عرصي کان ڪيس حل ناهي ڪري سگهي جنهن ڪري انتظاميا پاران سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انتظاميا ڪنهن به قانون کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي بيروزگاري سبب گهرڀاتي فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نيڪالي ڏنل ملازمن کي بحال ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.