قمبر (رپورٽر) يوٿ فورم جي ضلعي اڳواڻ مهتاب شيخ جي آزادي لاءِ اٺين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. اياز ٻرڙو، نجم خاصخيلي، اياز چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود مهتاب شيخ جو تو پئجي ناهي سگهيو .هنن چيو ته مهتاب سماجي تنظيم جو اڳواڻ هو، جنهن نوجوانن جي مسئلن لاءِ احتجاج ڪيا، خبر ناھي ان کي ڇو کنڀي گم ڪيو ويو. مھتاب شيخ کي آزاد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.