حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حسين آباد چوڪ وٽ پيٽرول لاهيندڙ ٽئنڪر جي موجودگي ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، واقعي ۾ 2 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. حسين آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ جميل ۽ عزيز شامل آهن. پوليس موجب ڪراچي مان ڪمپني جو آئل ٽئنڪر پيٽرول کڻي پهتو جيڪو ان زمين واري ٽئنڪ ۾ لاٿو پئي ته اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي. اتي بيٺل هڪ شخص آئل ٽئنڪر کي لڳل باهه سوڌو ٻاهر روڊ تي منتقل ڪيو جنهن بعد باهه تي ضابطو اچي ويو. باهه واقعي بعد ملازمن ۽ اتي بيٺل ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.