حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ تعليمي بورڊ جي ماتحت 9 ضلعن ۾ يارهين  ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن يارهين ڪلاس جي باٽني جو پيپر ٿيو جنهن دوران امتحان دوران اڪثر سينٽرن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون گرمي ۾ بيحال بڻيل رهيون. لطيف آباد ۾ قائم سينٽرن تي هڪ درجن کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون بيهوش به ٿي ويا. تعيلمي بورڊ جي ڪنٽرولر جو چوڻ آهي ته يارهين ڪلاس جي امتحان ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار ۽ دادو ضلعن ۾ جا مجموعي طور 50 هزار 710 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن جن لاءِ 9 ضلعن ۾ 185 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 26 ويجيلينس ٽيمون پڻ جوڙيون آهن. هوڏانهن ويجيلينس ٽيم اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز ڪاڪا، مهناز درس جي اڳواڻي ۾ جي او آر ڪالوني ۾ ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ قاسم آباد جي محمد بخش شورو هائير سيڪيڊري اسڪولن ۾ ڇاپا هڻي 40 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. اسسٽنٽ ڪنٽرولر جو چوڻ آهي ته ڇاپن دوران انهن اميدوارن کان وڏي تعداد ۾ موبائيل فون ۽ گائيڊون به هٿ ڪيون جيڪي بورڊ انتظاميا حوالي ڪيون ويون آهن.