حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون کي پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، گهرو کاتي جي حڪم کي حيدرآباد پوليس هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي. جمعي جي ڏينهن مڪمل طور ڪاروبار بند ڪرڻ واري اعلان باوجود لطيف آباد، سٽي ۽ قاسم آباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جزوي طور ڪاروبار کليل رهيو. ٽاور مارڪيٽ واري علائقي ۾ قائم ميوات ۽ ڀاڄين جي دڪانن کان علاوه ٻيو ڪاروبار ڪندڙ واپارين به پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا هئا جنهن ڪري شهرين جي وڏي انگ پهچي خريداري ڪئي. بنا ماسڪ ۽ سماجي وٿي کي نظرانداز ڪندي شهرين ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪئي پر پوليس سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. اهڙي ريت گرونگر واري علائقي ۾ ڦليلي ٿاڻي جي پوليس ۽ پڪي قلعي واري علائقي ۾ فورٽ ٿاڻي جي پوليس ٻاڪري مال ۽ پکين جي واپار لاءِ لڳندڙ پڙين جي مالڪن کي پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏني. پوليس جي مبينا آشيرواڌ کانپوءِ ڄاڻايل علائقن ۾ سڄو ڏينهن ماڻهن جا هجوم نظر آيا. ٻاڪرو مال وڪرو ڪندڙ واپارين توڙي پکين جي خريداري ڪندڙ خريدارن ماسڪ جو استعمال نه ڪيو جڏهن ته رش سبب سماجي وٿي کي به نظرانداز ڪيو ويو. هوڏانهن شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، لياقت ڪالوني، نوراني بستي، پريٽ آباد، لطيف آباد نمبر 8 سميت مختلف علائقن ۾ واپارين پوليس سان مبينا ڏيتي ليتي عيوض پنهنجو ڪاروبار کولي ڇڏيو. شهرين پوليس جي مبينا ملي ڀڳت ۽ لاپرواهي تي تعجب جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ پاسي ڪورونا جي ٽين لهر ۾ ڪاروباري مرڪزي بند ڪرائي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي وري پوليس مبينا ملي ڀڳت سبب هٿ سان ڪاروباري مرڪز کلرائي ڪورونا جا ڪيس وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف بڻيل آهي.