حيدرآباد: نوابشاهه پوليس 10 ورهين جي نينگر تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

0
326

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) تعلقي نوابشاهه پوليس 10 ورهين جي نينگر کي ويگو گاڏي جو ڊرائيور قرار ڏئي مٿس لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 10 ورهين نينگر احسن گورچاڻي ۽ 16 ورهين جي جنيد گورچاڻي جي هفتي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، 10 جولاءِ تي پوليس غلام شبير جمالي جي فرياد تي نينگر ۽ نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، فريادي جو ڪيس ۾ موقف آهي ته قاضي احمد روڊ تي 8 جولاءِ جي شام نينگر ۽ نوجوان هم صلاح ٿي تيز رفتار گاڏي هلائي هئي جنهن دوران سندس ڀاءُ رضا محمد جمالي کي ڌڪ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو…