جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ 80 ورهين جي سخي شهاڻيءَ سان ڪچهري ٿي، جيڪو شوگر جو مريض آهي ۽ تازي عمر قيد سزا وٺي آيو آهي. هن مون کي گورين جي ٿيلهي ڏيکاريندي چيو ته ابا آئون مهيني ۾ 5000 رپين کان به مٿي جي دوا کائيندو آهيان ڇو جو آئون 15 ورهين کان شگر جو مريض آهيان. مون پنهنجي اڌ ڄمار عربن جا اُٺ چاريندي گذاري ڇڏي، هاڻ شايد آخري ڏينهن هن نڀاڳي قيد ۾ ڪٽجن. ڏاڏي سخي شهاني ڪجھه سوچي چيو ته هن ڪيس جو فائيل ڪورٽ بند ڪري ڇڏيو و پر تو وارو يار خادم مينهن سوڌو پڪڙجي پيو ته پوءِ اسان جو هي ڪيس به کُلي ويو. خادم هن ڪيس ۾ مفرور هيو. ڏاڏي سخي ٻڌايو ته هُن کي پسار جي وڏي تڪليف آهي. مون ساڻس واعدو ڪيو ته آئون ڀائو بدر سان ملي تنهنجو اهو مسئلو به حل ڪرائيندس. هن جيل ۾ بزرگ قيدين لاءِ وڏيون سهولتون آهن. مون هن کي دودي لُنڊ جو به مثال ڏنو جيڪو پاڻ کي دل جو مريض سڏائي ٿو پر اصل ۾ هو بلڪل تندرست آهي. رڳو کير ۽ ڏهي انتظاميا کان وٺڻ لاءِ بهانا ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ٽراليءَ تي اسپتال کڻائي ويندو آهي. مون ڏاڏي سخي کان سوال ڪيو ته توهان کي سڀن کان وڌيڪ ڪنهن جي ياد ايندي آهي؟ ته هن مڙهي جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي ۽ هُن جواب ڏنو ته گورک جبل…! مون ڪڏهن گورک ناهي ڏٺو، مون هُن کي چيو ته آئون وڏو گورک جي علائقي ۾ ٿيو آهيان. اتي جڏهن برسات پوندي آهي ته ملائڪ به اتي گھمڻ ايندا آهن. هُن ڪجھه سوچي چيو ته گورک جي چنڊ جو رنگ به ٻيو هوندو آهي. آئون دل ۾ سوچڻ لڳس ته چنڊ ته چوڏهين جو ڏسجي پر ڪاش اهو آزاد فضا ۾، سيخن مان ته چنڊ به اسان کي مظلوم نظر ايندو آهي. آئون اڪثر راتين جو دير دير تائين چنڊ جي روشنيءَ ۾ ويهي ڪنهن لاءِ خطڙا لکندو آهيان. هن وقت چانڊوڪي پوري زندان کي وهنجاري رهي هوندي آهي. هن جي نظر ۾ ڏوهاري ۽ بيڏوهي صاف ظاهر هوندا آهن ۽ شام جو ورزش بعد لالي نجيب پٺاڻ مون کي چيو ته آئون ضمانت تي آزاد نٿو ٿيڻ چاهيان. هو اسان جو نئون هانڊي وال آهي. مزمل جو منهن ڪالهه کان لٿل هو ڇو جو هن ڪالهه ڪنهن قيدي جي چغلي ڪئي هئي جنهن ڪري مون کيس ست سُري ٻڌائي هئي. اڄ وڏي وقت بعد ڊاڪٽر ارشد ڇيپا صاحب ملڻ آيو. هو هميشه جيان تبليغ ڪرڻ آيو ۽ تبليغ ڪري روانو ٿي ويو. هُن مون کان تعليم القرآن بابت پڇيو. مون ٻڌايو مانس ته سائين محمد علي لنڊ مون تي تمام گھڻي محنت ڪري رهيو آهي. هن وقت رشيد ۽ لالو نجيب ٽي وي ڏسي رهيا آهن، مزمل قريشي مصلي تي ويٺو آهي، کولين کان ٻاهر سپاهي رحمان ڇلگري بلب ٻاري رهيو آهي. (20 جون 2021ع، شام جا 07:14 وڳا)
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد
هڪڙي چٽي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏانهن!‎‎
آئون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي درخواست ٿو ڪريان ته اسان جي علائقي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ڪاڇي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملٽي نيشنل ڪمپني پولش مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، علائقي جي ترقي لاءِ فنڊ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ڪاڇي جي علائقي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن، علاج لاءِ اسپتال ناهي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ واٽر سپلاءِ ناهي، هتان جي نياڻين جي تعليم لاءِ گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول ناهي، ڪاڇي ۾ لاتعداد مسئلا موجود آهن، ڪاڇي واسي سڀ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪن ته پولش ڪمپنيءَ جي ناانصافي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل!
مانوارا چيف جسٽس سنڌ ھاءَ ڪورٽ صاحب، گذارش ته اسان جي ضلعي جيڪب آباد توڙي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ جا آبادگار هن وقت سخت پريشان آهن، جناب اعليٰ هن وقت پوري سنڌ جيان اسان جن هنن ضلعن ۾ ساريالي فصل جي پوکائي جي موسم آهي، هن وقت اسان وٽ هڪ پاڻي پهريان کان ليٽ ڇڏيو ويو، جيڪو به نه هجڻ جي برابر آهي، جنهن سبب هنن ٻنهي ضلعن ۾ لکين ايڪڙن جو ٻج ھن وقت سڪي ۽ سڙي رهيو آهي. جناب اعليٰ ايريگيشن جي چيف انجنئير گڊو انجنئير شاهي ڪينال راج ڪمار کي بار بار شڪايتون ڪيو آهن پر پاڻي ڪو نه ڏنو ويو آهي، جناب اعليٰ اوهان کي گذارش آهي ته اوهان هنن ٻنهي ضلعن ۾ پاڻي کوٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺو، جناب اعليٰ بيلدار، سروير، ايس ڊي او، سب انجنيئر، چيف انجنيئر پاڻي پئسن عيوض وڪرو ڪن پيا، جيڪو هتان جي هارين جي حق تي ڌاڙو آهي. هو سنڌ جو پاڻي شاهي ڪينال ۽ پٽ فيڊر ذريعي وڪرو ڪن پيا، هن وقت اسان سخت پريشان آهيو، نه اسان کي سنڌ جي حصي مان نه بلوچستان جي حصي مان پاڻي ٿو ملي. شاهي واهه بلوچستان وارا ڳڙهي حسن ڳھڻو شاخ ذريعي به پاڻي بند ڪيو ويو آهي. اميد ته اوهان جيڪب آباد ۽ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي لکين ايڪڙ زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نوٽيس وٺندئو. سارين جي فصل نه ٿيڻ سبب لکين غريب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويندا.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
وڌندڙ آدمشماريءَ جو معشيت تي دٻاءُ!
انسان رب تعاليٰ جو سڀ کان بهترين، خوبصورت، پر لطف، اسرار پروڙيندڙ، ڌرتي کيڙيندڙ، فضائن ۾ اڏامندڙ ۽ نيون نيون شيون ايجاد ڪندڙ سمنڊ جي تري ۾ ويندڙ مطلب ته انسان ئي وڏو مفڪر، وڏو مجدد، وڏو عالم، وڏو سالم، وڏو رهبر آهي. جڏهن فطرت جي سهڻي تخليق هن ڌرتيءَ جي معشيت لاءِ بارُ ٿي پوي ته پوءِ انسان کان وڌيڪ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ٻيو ڪو نه پر انسان ئي ٿي پوي ٿو. يعني وڌندڙ آبادي جنهن جو بيلنس نه رکي سگهجي، جنهن کي نوڪرين وغيره ۾ مصروف نه رکجي، جنهن لاءِ روزگار جا موقعا نه هجن ته پوءِ ظاهر آهي ته معشيت تي ناڪاري دٻاءُ ته پوندا، قانون جي اورانگهه ٿيندي، سماج جو بگاڙ ٿيندو، دهشتگردي جي پاڙ مضبوط ٿيندي، ظلم، آپگھات، چوريون، ڦرون، ڌاڙا، ناڪاري لاڙا، نشي جا آکاڙا، قبيلائي تڪرار، انساني جھيڙا ۽ مذهبي تعصب جنم وٺندا، اهو سڀ ڪجهه وڌندڙ آباديءَ سبب آهي. اسان برسات کي رب پاڪ جي رحمت سمجهندا آهيون، جيڪو ڌرتي کي گلن جي خوشبوءِ سان سرهو ڪندو آهي. سرسبز ۽ سائو ڪندو آهي، مال متاع، پکي پکڻ ۽ ماڻهو به سرها ٿيندا آهن، ٿر وارا ته مينهن جو محبوب وانگي اوسيڙو ڪندا آهن يا جيئن مومن آذان ۽ نماز جو منتظر هجي. اهو مينهن حد کان وڌي ويندو آهي، جڏهن ٻوڏ جي صورت اختيار ڪندو آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر ٻوڙي تباهه ڪندو آهي. فصل فنا ڪري ڇڏيندو آهي، جايون ڊاهي پٽ ۽ ماڻهو ماري راڪاس بڻجي ويندو آهي. اهي ئي هٿ اها دعا گهرندا آهن ته “رب رحمان رحم فرماءِ” يا انهيءَ ئي آسرون ۽ انتظار ۾ ويٺل اکيون ٻيهر روئي مالڪ، خالق ۽ رازق کان برسات بند ٿيڻ جون دعائون گهرنديون آهن. بلڪل اهڙي ريت اسان جي وڌندڙ آبادي، اسان جي معشيت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ان تي مناسب توازن ڀريو ضابطو نه آندو ويو ته اها وڌندڙ آبادي پنهنجو پاڻ هڪ ايٽم بم بڻجي معشيت کي تباهه ۽ تاراج ڪري ڇڏيندي.
صبغت الله رند/ ڊکڻ
هاڻي ادارن کان ڪم وٺڻو پوندو‎‎!
ايڇ ايم سي طرفان صفائيءَ جو هفتو 5 کان 11 جولاءِ تائين ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ ايس ايس ڊبليو بي جي سهڪار سان ڊمپر ۽ مشين جي مدد سان سڄي حيدرآباد مان ڪچرو کنيو پيو وڃي پر قاسم آباد جي ٽائون انتظاميا ۽ مقرر انچارج جي نااهليءَ سبب قاسم آباد جو ڪچرو نه پيو کڻايو وڃي يا ڪاهليءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي،ضلعي انتظاميا ايڇ ڊي اي ۽ ايس بي سي اي ۽ بلڊر مافيا کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، ڪڏهن انهن بابت ڪو بيان يا پڌرائي سامهون نه پئي اچي، نه وري ڪا گڏجاڻي نه وري اسڪيمن جي ترقياتي ڪم بابت ڪا پڇا ڳاڇا پئي ٿئي، اسڪيمون مقرر مدي ۾ مڪمل نه پيو ٿين ڪير نگراني ڪرڻ وارو ناهي، سياسي پارٽين ۽ حڪومت جي پويان گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو، هاڻي انصاف لاءِ نمائندن، آفيسرن ۽ ادارن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ کان سواءِ ڪو چارو ناهي، هاڻي سول سوسائٽي ۽ مهذب سرگرم فردن کي اڳيان اچي انتظاميا ۽ ادارن کان سندن ڪم بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي بنيادي حقن ۽ سندن فرض شناسيءَ تي سوال اٿارڻا پوندا. اهڙي ڪميونٽي ڪم کان سوا ڪو چارو ناهي، عوام ۽ سماج لاءِ مقرر آفيسر گهڻي عياشي ڪري چڪا، هاڻ کين عوام کي جواب ڏيڻو پوندو نه ته عدالتن ۾ کين گهليو ويندو.
شبير کوکر/قاسم آباد
رشتن کي لالچ جي حوس ۾ ڇني ڌار نه ڪيو!
رشتن کي جيڪي پيار سان نڀائيندا رهندا آهن اهي ئي رشتا ناطا تاريخ جا بابا ٿي ويندا آهن. جن ماڻهن جي من ۾ محبت هوندي آهي، تن سان هر هر ماڻهو انهيءَ سان محبت ڀريو رشتو قائم ڪرڻ لاءِ بي تاب هوندا آهن، انهيءَ سان پريت وارو لحاظ رکندا آهن، رشتا ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا رت جا رشتا ۽ ٻيا سماجي رشتا هوندا آهن، انهن جو قدر ڪرڻ اعليٰ انساني گُڻ آهي، جيڪو رشتن ناطن سان سهڻو سلوڪ سان هلي ٿو، اهو ٻين جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿو. سڀني رشتن سان پيار پريت وارو ورتاءُ رکي ٿو انهيءَ کي نيڪ ۽ چڱو سڏيو وڃي ٿو پر اڄوڪي انسان کي ايتري خبر هوندي به پنهنجي رت جي رشتن کي ٽوڙي پکيڙي ويا آهن ڇو ته هو پاڻ منجھه پنهنجا دشمن ٿي ويا آهن، هاڻي اهو پنهنجن جو پيار پريت صرف لفظن جي محتاج ٿي پئي آهي، ماڻهن جي دلين جو سچو خلوص جيڪو صرف چهرن تي نه پر اندر جي جھروڪن ۾ محبت ۽ امن ۽ ادب کي احساس ۾ تازگي ارپيندو رهندو هو اهو اڳ وارو پيار ۽ محبت، سڪ ۽ اُڪير هاڻي موڪلائي وئي آهي. هن ڏکئي دور ۾ ماڻهو الجھيل آهن، جڏهن ته سج به اڳ جيان اڀري ۽ لهي ٿو، سال جون موسمون به اڳ جيان مٽجن ٿيون، اسان جي دلين مان محبتون موڪلائي ويون آهن. اسان ايترا ته منجھي پيا آهيون جو اسان پنهنجا مٽ مائٽ ۽ رت جي رشتن ۽ ناطن کي به وساري ويٺا آهيون. ماڻهو امير کان امير ٿيڻ جي چڪر ۾ ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ڪيترن ئي رشتن کي پنهنجي انا خاڀر ڳڀا ڳڀا ڪري رشتن جي سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏيندا آهن. اسان انهن رشترن کي دردن جو قيدي ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي مجبورين کي حالت ۾ بيوس ڏسي انهن رشتن کان پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري ٿيون ٿا، اها ماڻهن جي وڏي بدقسمتي آهي، الائي ڪٿي ڪٿي ماڻهو اهڙن رشتن جي هستين تي به ظلم ڪن ٿا.
مسڪين راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن
سنڌ جو تباهه ٿيندڙ راڳ، سوڍل فقير!
سنڌ جي سڃاڻ صوفي راڳ ۽ ڀٽائي جي تنبوري سان آھي، ڏيھه توڙي پرڏيهه ۾ ڀٽائي کي ڳائي نالو ڪمائيندڙ سوڍل فقير اڄ ھن حڪومت جي رچايل ڍونڳ جي ڪري مالي مدد جو طلبگار آھي، ڪورونا جي ڪري ملڪ ۾ شادين تي بندش ۽ درگاهن تي به بندش ھجڻ ڪري ڇڳل چپل ۽ ڦاٽل ڪپرا پائڻ تي مجبور ٿي پيو آھي. مون جڏھن سوڍل فقير جي ويڊيو ڏٺي، تڏهن اکين ما ڳوڙها ڪري پيا، آئون پريشان ٿي موبائيل جي اسڪرين بند ڪري سوچڻ لڳس ته ھو اھو سوڍل فقير آھي، جڏهن بابا مون کي ناگل سرڪار جي ميلي تي وٺي ويندو ھو ته اتي ڇا ته ڪمال جي آلاپ ڏيندو ھو، خاص ڪري ڀٽائي سرڪار تي ڳائيندو، ھن جو سر ڪمال ھوندو هو، ٻڌندي ئي سڪون ۽ دل کي راحت ڏيندو ھو ۽ آئون اتي ئي سمهي پوندو ھئس. هن وقت سنڌي راڳ ڪٿي پهتو آھي؟ اڄوڪن فنڪار کي خبر ئي ڪانهي ته آئون ڇا ڳائي رهيون آهيان ۽ ڪهڙي سُر مان ڳائي رهيون آهيان. اڄ شاعرن جي شاعري پئسن تي وڪامجي ٿي، جڏهن ته شاعري اندر جو آواز آھي، جيڪڏهن اها خدا توهان کي ڏني آھي ته توھان ان جي عزت ڪيو، توهان اھا ٽڪن تي نه وڪڻو، ڏاها ٿيو! ٻيو جيڪڏھن توھان کي حقيقت ۾ سٺو شاعر ٿيڻو آھي ته پهريان توھان ٻين شاعرن جي شاعري جو مطالعو ڪيو، نالو لڳرائي ڇا حاصل ڪندئو، اھڙا ٿيو جو توهان جا ٻيا ڳڻ ڳائين. فنڪارن کي عرض ٿو ڪجي ته مهرباني ڪري راڳ جي سکيا وٺو ۾ ان کي سمجھو، پوءِ ميدان ۾ لهو جو رڳو توهان جي ڳالھه ھلي. سنڌ ڌرتي جي مھان صوفي فنڪارن کي عرض ٿو ڪجي ته مھرباني ڪري صوفي راڳ جو دائرو وڌايو. اسان جا ڪجھ فنڪار جيئن سائنڻ عابده پروين، صنم ماوري ۽ ٻين کي سنڌي ڪلامن تي ڌيان ڏيڻ کپي، آخر ۾ سنڌ جي ڪلچر کاتي کي عرض آھي ته صوفي فنڪارن جي مدد ڪريو.
فاروق احمد سرگاڻي/ڪراچي
انساني حقن جو آفاقي منشور!
انساني حقن جو آفاقي منشور گڏيل قومن جي تصديق ٿيل دستاويز ۽ ٺهراءُ آهي، جيڪو 10 ڊسمبر 1948ع ۾ پيرس ۾ منظور ٿيو، هن ٺهراءَ جا دنيا ۾ تقريبن 375 ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا، جنهن جي بنياد تي هن ٺهراءَ کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجمن واري دستاويز جو اعزاز حاصل آهي. هيءَ ٺهراءُ ٻين عالمي جنگ عظيم کان پوءِ منظرعام تي آيو، جنهن جي بنياد تي دنيا ۾ پهرين چڪر انساني حقن بابت اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويو، جيڪو هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪو بنا متڀيد انسانن کي ملڻ گھرجي. انساني حقن جو آفاقي منشور انسان حقن جي بين الاقوامي بل جو حصو آهي، جنهن ۾ هن حصي کي لازمي جڏهن ته ٻين ٻن حصن يعني عالمي معيشت لاءِ معاهدو، سماج ۽ ثقافت ۽ عوامي و سياسي حقن لاءِ معاهدي کي اختياري قرار ڏنو ويو. 1966ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان انساني حقن کي عالمي بل جي ٻن معاهدن کي منظور ڪيو، جنهن کان پوءِ اڄ تائين ان بل کي انساني حقن جي هڪ مڪمل دستاويز قرار ڏنو وڃي ٿو. تقريبن هن ڏينهن تي وڏي پئماني تي ڪانفرنس ۽ جلسن جو انعقاد ڪيو ويندو آهي ۽ گڏجاڻين ۾ انساني حقن بابت مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو آهي، انساني حقن جي لاءِ سرگرم سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمون پڻ هن ڏينهن تي جلسا ۽ گڏجاڻيون منعقد ڪند آهن.
اعظم اعجاز نجفي/کاهي
فيشن ۽ فضول خرچي!
اسان جي معاشري ۾ عورتن جي نمائش جا اڻ ڳڻيا طريقا رائج آھن پر انھن جو سڀ کان نمايان اظھار ڪپڙن ۽ زيورن وسيلي ڪيو ويندو آهي، اسلامي نظرئي موجب ڪپڙن جو تعلق نه صرف ستر پوشي سان آھي پر انھن ۾ زيب زينت ۽ آرائش جي به اجازت آھي، شرط اھو آھي ته اسراف ۽ تبذير نه ھجي. ڏٺو وڃي ته ھن دور جي اڪثر عورتن جي عادت اجائي ٺاھ ٺوھ ۽ فيشن پرستي بڻجي وئي آھي. گھڻيون عورتون ھڪ ٻئي ۾ ڪپڙن جو مقابلو سوچي لباس ٺھرائين ٿيون. ھڪ ڀيرو لباس پھرڻ بعد وري اھو ڪنھن تقريب ۾ پائي وڃڻ عيب سمجھن ٿيون، جي ڪا عورت ساڳيو لباس پھري وڃي به سھي ته سرتيون ان کي غربت جو طعنو ھڻن ٿيون. عورت کي ڪپڙا جيترا مھانگا ھوندا فيشن ايبل ھوندا ان کي اوترو اعليٰ شوق وارو سمجھيو وڃي ٿو. ان تصور عورتن کي گھڻو فضول خرچ بڻائي ڇڏيو آھي. مرد جي ڪمائي جو گهڻو حصو عورتن جي ان شاھ خرشين ۽ فيشن پرستين ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. ان طرح زيورن جو شوق به عورتن لاءِ وڏي وندر بڻجي ويو آهي، مھانگا مھانگا زيور ٺھرائڻ شادي وغيره جي تقريبن ۾ انھن جي نمائش ڪرڻ کي فخر سمجھيو وڃي ٿو. عورتن جي ان فضول فيشن ئي سون جو ملھ وڌائي ڇڏيو آھي، سون جو اھو تصور نئون ناھي پر قديم ترين نفسيات مان آھي. ھن دور ۾ ان کي وڌيڪ سمجھيو وڃي ٿو، ان جو مثال اڳ نٿو ملي. ڪنھن تقريب ۾ استعمال بعد اھي زيور المارين ۾ بند پيا ھوندا آھن. عورتن جي انھن فضول خرچن مردن کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آھي. مرد جڏھن پنهنجي پگھار مان پورائو نٿو ڪري سگھي ته اھو ناجائز ذريعن سان مال ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان پوءِ وياج، رشوت، ڪرپشن وغيره جا دروازا کلن ٿا جي عورتن جو فضول خرچيون ختم ٿين ته گھڻي ڀاڱي ڪرپشن به ختم ٿي وڃي.
درياخان بلوچ/دادو
درگاهه ابراهيم شاهه جي روڊ جي به سار لهو!
درگاهه ابراهيم شاهه (سخي بادشاهه) ديهه لکي ڪيٽي يوسي 17، حيدرآباد کٿڙ روڊ، ڳوٺ وڪيو ملاح تعلقي لطيف آباد ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ واقع آهي. هن درگاهه جي رستن جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. روڊ ۾ وڏا وڏا ڏار پئجي چڪا آهن پر افسوس ته هن جي ڪو به سار لهڻ وارو ڪونهي. ان کان سواءِ هن سال 8 ذوالحج جي ڏينهن ۽ 9 ذوالحج تي درگاهه ابراهيم شاهه (سخي بادشاهه) جو ميلو به وڏي ڌام ڌوم سان لڳي رهيو آهي. هتي هر سال هزارين زائرين اچي حاضري ڀرين ٿا پر پاڻيءِ جي سهولت جي انتهائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اهڙين قديم درگاهه تي سهولتون فراهم ڪرڻ گھرجن ته جيئن زائرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو نه پوي. اسان سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته درگاهه ابراهيم شاهه (سخي بادشاهه) کي بنيادي سهولتون جلد کان جلد فراهم ڪيون وڃن.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
استادن جي ٽيسٽ، اميدوارن لاءِ چئلينج!‎‎
ھن وقت سموري سنڌ جا پڙھيل نوجوانن جن به کاتن ۾ درخواستون ڏنيون آھن سڀئي ان آسري ۽ اميد ۾ آھن ته انھن سڀني کاتن ۾ جلد انٽرويو وٺي ميرٽ تحت روزگار سان لڳايو ويندو. تازو سنڌ ۾ ماسترن جي نوڪرين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ دوستن جي آءِ بي اي سکر، ايس ٽي ايس ۽ سنڌ حڪومت پاران انھن جي ڪاغذي ڪارروائي ھلندڙ آھي، جيڪو عمل شايد آگسٽ ۾ پورو ڪيو ويندو. جن اميدوارن جون درخواستون رد ٿي ويون انھن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب جيڪي اميدوار اھل آھن انھن کي وري ڪنفرميشن جو ٻڌايو پيو وڃي، اڃا به ھزارين اھل نوجوان جواب جي انتظار ۾ آھن، اميد آھي ته 50 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي جواب اچي ويندو. بهرحال ھن معاملي تي آءِ بي اي سکر ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل فيصلي تحت ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته آگسٽ جي ٻئي ھفتي ۾ ڊويزن سطح تي ٽيسٽ ورتي ويندي. ڇاڪاڻ ته ضلعي سطح تي ٽيسٽ وٺڻ سان نوجوان جي حق تلفي جو پڻ خدشو ھوندو آھي، جنھن ڪري ڊويزن سطح تي ٽيسٽ وٺڻ تمام بھتر سمجھيو پيو وڃي. گڏوگڏ سنڌ سرڪار پاران جيڪا ٽيسٽ ورتي ويندي اھا ھر سبجيڪٽ تي 45 سيڪڙو مارڪون اميدوارن کي وڏي چئلينج کي منھن ڏيڻون پئجي رھيو آھي ڇاڪاڻ ته اميدوار سڀ سبجيڪٽ پاس ڪري ھڪ سبجيٽ ۾ 44 سيڪڙو مارڪون کڻندو ته اھو فيل سمجھيو ويندو، جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ايئن کپندو ھو ته سبجيڪٽس کان ويندي ٽوٽل مارڪون جيڪي ڪل 55 سيڪڙو رکيون ويون آھن ان پاليسي کي ھٽائي سبجيڪٽن کان سواءِ ڪل مارڪون 70 سيڪڙو رکڻ سان گھڻون بھتر ٿي سگھي ٿو. ان ڪري سنڌ سرڪار جي خاص ڪري تعليم کاتي کي وڏي سنجيدگي سان ھن مسئلي تي ڌيان ڏئي مسئلو حل ڪرڻ جي ضرورت آھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول
ڊاڪٽر ۽ مسيحا!‎‎
ڊاڪٽر جن کي مسيحا جو لقب ڏنو ويندو آهي پر مسيحا ۽ ڊاڪٽر ۾ فرق آھي، مسيحا حساس ۽ نرم دل جا مالڪ هوندا آھن، ڊاڪٽر جي دل ۾ ٿورو به احساس نه هوندو آھي، جي اوهان وٽ في ناهي ته اوهان کي ڏسڻ پسند ناهن ڪندا، ڪلوئي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي من ماني آھي، مريض کي چيڪ ڪرڻ جي تڪليف ناهن ڪندا، منهنجو وڃڻ ٿيو، دل ۾ شديد سور هو، بي پي تمام گھڻي وڌيل هو، ڊاڪٽر کي چوڻ باوجود بي پي چيڪ نه ڪيائين. اعليٰ اختيارين ۽ سماجي ورڪرن، صحافين کي گذارش آھي انهن ڳالھ جو نوٽيس وٺي اهڙن سماج دشمن ۽ غفلت ڪندڙن کي پابند بڻايو وڃي، جيئن هو پنهنجو فرض صحيع نموني ادا ڪن.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي