اَئوُڻيِ پَئوُڻيِ

0
336

سخت مزاج ئي نه قمرالدين انتهائي سفاڪانه طبيعت جو به مالڪ آهي. سدائين ڪنهن نه ڪنهن جون خاميون ڳولي پوءِ پنهنجيءَ تي ايندو آهي ۽ زمين آسمان ملائڻ ۾ دير نه ڪندو آهي.
گهرواري رحيما ۽ نَوَنِ سالن جي پٽ شاھنواز سان به ساڳيو ئي ورتاءُ. شل نه ڪا اَئوُڻيِ پَئوُڻيِ ڪن. قمرالدين جو ردعمل ڏسي ماڻهو نڪ تي آڱر گسائي “توبھَ.. توبھَ..” ڪرڻ لڳندا آهن.
رات جو دير سان سمھڻ جو عادي آهي. تيستائين رحيما ته جاڳڻ تي مجبور ھوندي آھي، پر شاھنواز کي به پڙھائي ڪرڻ لاءِ جاڳائيندو آهي. اتفاقن ھن کي ننڊ جو جهوٽو ايندو آهي، ته مٿس چماٽن جو وسڪارو لائيندي ٻوڪڙ ڪري چوندو رھندو اٿس،”پڙھُ پڙھُ.. ”
شاھنواز جي ھٿن ۾ جمن پڪڙيل آهي. اکين ۾ لڙڪ ڀريل اٿس.
ريلوي پليٽ فارم جي ماڻهن جي رش کان آجي ھڪ ڇانودار پاسي ۾ ويھي ٿو. جمن اڳيان رکي ھٿ ترين سان ڳلن تان لڙڪ اگھي، فقيرن وانگر ويھي ٿو، ته ھڪ فيشن ايبل ڪراڙي عورت، جنهن کي شايد نظر جي اڇن شيشن سان ھڪ سھڻي سونھري فريم وارو چشمو پاتل آھي، ھن جي ڀرسان گذرندي پنھنجي قدمن کي روڪي ساڄي ڪلھي ۾ لڙڪندڙ وڏو پرس کولي ان مان ڏھن رپين جو نوٽ ڪڍي، ٿورو جھڪي بنا ڪجهه چوڻ جي جمن ۾ اھو اڇلي اڳتي وڌي وڃي ٿي.
ان کان چند سيڪنڊ پوءِ ھڪ ھڪ ميرا ڪپڙا پھريل اڌڙوٽ شخص شاھنواز اڳيان بيھي پنهنجي پاسي واري کيسي مان پنجن رپين جو سِڪو ڪڍي جمن ۾ ساڄو ھٿ ھيٺ ڪري ان ۾ وجهي خاموشيءَ سان اڳتي وڌي وڃي ٿو.
ڳوڙھا ساڳي طرح شاھنواز جي ڳلن تي ڳڙندا ٿارھن. جن کي ھٿ ترين سان اگهندو ۽ ھوريان ھوريان سڏڪندو به ٿو رھي.
“اڙي ڪير آن؟ ھتي پنڻ جي اجازت ڪنهن کان ورتي ٿئي؟..”
ھو ڪو به جواب نه ٿو ڏئي، ته جمن سوڌو ڳِٿَڙَ کان جهلي گھليندو ريلوي ٿاڻي تي وٺي وڃيس ٿو.
صوبيدار ماجرا ٻڌي ٿڦ ھڻندي پڇيس ٿو،”ڪنهن ورتا ٿئي ھِتي پنڻ جا پئسا؟”..
“ڪنهن به نه. ھوم ورڪ نه ڪيو ھوم. تڏهن بابي ماريو ۽ جمن ھٿن ۾ ڏئي ھِتي ھيئن پنڻ جي سزا ڏني..!”