حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ  ڊويزن جي سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن ادارن جا نالا انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ٻولي ۾ به لکن ۽ خانگي تعليمي ادارا پنهنجن ادارن جي نصاب ۾ سنڌي مضمون شامل ڪري شاگردن کي ٻين ٻولين سان گڏوگڏ سنڌي تعليم به لازمي طور پڙهائين. اهڙي هدايت هن سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان شهباز هال حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ڪمشنر چيو ته اڪثر  ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري ادارن يا فائيلن تي رڳو انگريزي ٻولي لکي وڃي ٿي. سنڌي صوبي جي ٻولي آهي انڪري ضروري آهي ته انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي به لکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي انگريزي ۽ اردو لکيل آهي ته اتي سنڌي به لکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي سنڌي ۽ انگريزي  لکيل آهي ته اتي اردو کي به شامل ڪيو وڃي. سنڌي ٻولي جي بااختياراداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجوڳالهائيندي چيو ته هن گڏجاڻي جو مقصد پنهنجي قومي زبانن جي واڌ ويجهه لاء ڪوششون ڪرڻ آهي. هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7 هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جڏهن ته خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 3 هزار ٻوليون ختم ٿي وينديون. هڪ تحقيق موجب دنيا ۾  هر سال 25 ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن جنهن جو وڏو سبب پنهنجن ٻولين ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏيڻ آهي. پاڪستان ۾ 74 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنڌي ٻولي پاڪستان جي ٽئين وڏي ٻولي آهي پر الميو اهو آهي جو سنڌي ٻولي کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 1972 ۾ سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه جو هڪ بل پاس ڪيو هو جنهن تي اڃا تائين مڪمل طور عمل نه ٿي سگهيو آهي. دنيا ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو  سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا موجود آهن ۽ دنيا جي 7 هزار کان وڌيڪ ڳالهائيجندڙ عظيم  ٻولين مان سنڌي ٻولي 106هين  نمبر تي آهي. دنيا جي 7 هزار کان وڌيڪ  عظيم ٻولين مان ڪيتريون ئي ٻوليون فنا ٿي چڪيون آهن جن ۾ سنسڪرت ٻولي به شامل آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ هڪ شاهڪار زبان هئي. ان ٻولي مان لڳ ڀڳ  7 هزار ٻولين  نڪري پنهنجي نئين وجود سان اڳتي هلي نئون نالو ۽ شڪل اختيار ڪئي پر سنسڪرت ميسارجي وئي ۽ هاڻي جهڙوڪر سنسڪرت بلڪل ئي ختم ٿي چڪي آهي جنهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 1969  ۾ طئي ڪيو ويو هو ته سال ۾ هڪ ڏهاڙو سنسڪرت جي ياد طور ملهايو ويندو.