ڪراچي (نمائندن وٽان) مڇر ڪالوني سانحي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ميرپور بٺوري ۾ عوامي تحريڪ پاران نواز ڏيٿو، مرتضيٰ زئور، مير ٽڳڙ، الهبچايو ڏيٿو، بابو مختيار، زئنور ساگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سکر ۾ مزمل ڪمانگر، عابد مغل، عبدالقيوم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڀٽ شاهه ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن رحمدل مگسي، سڪندر شاهه، گل بهار بليدي، بچل کوسو، مريد پلال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته مڇر ڪالوني واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.