ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ ڪامورن جون وڏي پيماني تي بدليون، گھرو مامرن ، ناڻي، سروسز، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، ٽرانسپورٽ، ماحوليات، هيومن رائٽس، بحالي ۽ اقليتي معاملن واري کاتن جي سيڪريٽرين، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪمشنرن سميت 21 ڪامورا تبديل  ، ٽرانسپورٽ ۽ انساني حقن  وارن کاتن جي سيڪريٽرين کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محمد حسن اقبال کي ماحوليات واري کاتي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان عبدالرحيم شيخ کي بدلي ڪري وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. علي حسن ملڪ کي صوبائي محتسب اعليٰ آفيس ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتي اڳ مقرر ٿيل فاروق اعظم ميمڻ 30 جنوري تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. حيدرآباد جي ڪمشنر عباس بلوچ کي بدلي ڪري اقليتي معاملن واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان عبدالهادي بلو کي بدلي ڪري اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ناصر عباس بلوچ کي اسپيشل سيڪريٽري ( جيلز) مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف نورين بشير کي هيومن رائٽس کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪري اتان جاويد صبغت الله مهر کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدنان ارشد کي گھرو کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سليم راجپوت کي بدلي ڪري سروسز کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان فياض جتوئي کي بدلي ڪري وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو کي بدلي ڪري ناڻي کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، سکر جي ڪمشنر شفيق مهيسر کي بدلي ڪري هيومن سيٽلمينٽ کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري آصف جهانگير کي بدلي ڪري بحالي واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، اتان سعيد مڱڻيجو کي بدلي ڪري گھرو کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ خالد محمود شيخ کي ٽرانسپورٽ کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان شارق احمد کي عهدي تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، 19هين گريڊ جي آفيسر عثمان معظم کي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته مڪاني ادارن واري کاتي مان 20هين گريڊ جي زبير پرويز کي بدلي ڪري لوڪل گورنمينٽ ڪميشن ۾ ڊي جي مقرر ڪيو ويو، 19هين گريڊ جي آفيسر شهاب قمر انصاري کي بدلي ڪري ناڻي کاتي ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ جو  ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام مصطفيٰ ڦل کي سکر جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس لاڙڪاڻي جي ڪمشنر جي اضافي چارج سونپي وئي آهي، جڏهن ته تازو ترقي ماڻيندڙ عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ کي ڪمشنر حيدرآباد جي خالي ٿيل جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ سرڪار صحت کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ منگھوپير جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي هٽائي ڇڏيو، صحت ۾ 19هين گريڊ جي پوسٽ تي ايڊيشنل سيڪريٽري طور مقرر ڪاموري کي اسپيشل سيڪريٽري جي 20هين گريڊ واري عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل رفيق قريشي کي بدلي ڪري صحت کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس عدالتي حڪمن جي لتاڙ ڪندي 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري جي اضافي چارج سونپي وئي آهي. جڏهن ته صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري صفدر رضوي کي بدلي ڪري سول اسپتال ڪراچي ۾ڊائريڪٽر (ايڊمنسٽريشن ۽ پرڪورمينٽ) واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي،  سنڌ فوڊ اٿارٽي جي 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خادم حسين کي بدلي ڪري صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي جتان ارشاد کوکر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر منگهوپير مقرر ڪيو ويو آهي، جتان مشتاق جتوئي کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هوڏانهن ڊي سي ڪياماڙي سان اختلاف رکندڙ ڊي ايچ او ڊاڪٽر غياث الدين ابڙو ڪُرسي وڃائي ويٺو، کيس سروسز اسپتال ڪراچي ۾ ايڊيشنل سول سرجن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 19هين گريڊ جي آفيسر  عتيق الرحمان  کي ڊي ايڇ او ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو آهي.