متحده غلط رخ اختيار ڪيو، اسلم پوليس تشدد ۾ نه، دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو آهي: سعيد غني

0
234
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  متحدہ وارن جي ريلي  کي شاهراهه فيصل کان پريس ڪلب وڃڻو هو، انتظاميه انهن سان مسلسل رابطي ۾ هئي، ايم ڪيو ايم وارا پريس ڪلب وڃڻ بدران سي ايم هائوس جو رخ ڪيو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وسيم اختر ۽ ٻين کي ٻڌايو ته اهو علائقو رانديگرن جي ترسيل هجڻ ڪري هائي سيڪيورٽي زون آهي توهان ان پاسي نه وڃو پر انهن ڳالهه نه مڃي

هن چيو ته سي ايم هائوس پهچڻ بعد به کين چيو ويو هتان ڌرڻو ختم ڪري پريس ڪلب هليا وڃو، ان سموري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت وٽ ڪو رستو ئي نه هو، هوٽل ۾ ترسيل پي ايس ايل جي ٽيمن کي نيشنل اسٽيڊيم ڏانهن وڃڻو هو پر هن واقعي سبب ٽيمون نيشنل اسٽيڊيم نه وڃي سگهيون

هن چيو آهي ته جيڪڏهن ڌرڻو ختم نه ڪرايون ها ته ڪجهه به ٿي پئي سگهيو، هن وقت ملڪ ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، شيخ رشيد پاڻ چيو آ ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، انتظاميا نه چاهيندي به اهو قدم کنيو، ريلي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ دوران ڪوبه اڳواڻ موجود نه هو، ايم پي اي صداقت تي ان ڪري تشدد ڪيو ويو جو هو پنهنجن ماڻهن سان گڏ پوليس تي لٺيون وسائي رهيو هو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها

هن چيو آهي هت جنهن علائقي ۾ پي ايس ايل جي ٽيم ترسيل هجي اتي متحده جي ريلي نه وڃڻ گهرجي ها، ايم ڪيو ايم وارا هر ڀيري عورتن کي اڳتي ڪندا آهن، متحده اڳواڻ چيو ته هڪ ٻار مري ويو، وري چيو ويو ته هڪ ڪارڪن جي اک ضايع ٿي آهي

سعيد غني چيو ته متحده ترجمان چيو ته انهن جو هڪ ساٿي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ڪوبه اهڙو زخمي نه آندو ويو هو ، اسلم نالي ڪنهن به شخص کي اسپتال ۾ نه آندو ويو هو، خبر پئي ته ڪراچي هارڊ ڊيزيز اسپتال ۾ اسلم کي آندو ويو ۽ بعد ۾ ساڍي ڏهين وڳي ان کي اين آئي سي وي ڊي آندو ويو جيڪو فوت ٿي ويو

هن چيو ته جيڪڏهن سي ايم هائوس اڳيان ڪو زخمي ٿئي ها ته ان کي سول يا جناح آندو وڃي ها، جيڪو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ان جو موت تشدد سبب ٿيو آ اهو تاثر غلط آهي

هن چيو ته مان سنڌ حڪومت پاران اسلم جي خاندان کي درخواست ڪيان ٿو ته اسلم جو پوسٽ مارٽم  ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ان جو موت ڪئين واقع ٿيو آهي، اسان جي معلومات موجب دل جي دوري سبب اسلم فوت ٿيو آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: وڏي وزير جو امين الحق سان رابطو، واقعي کي لسانيت جو رنگ نه ڏيڻ تي اتفاق