جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ڇاپا هڻي عطائي ڊاڪٽرن جون 4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون، خبر موجب سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم عبدالسميع راڄپر، ڊاڪٽر امتياز شاهه ۽ ڊاڪٽر ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ۾ شهر جي جيئل شاهه پاڙي، ڳڙهي سٻايو سميت مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪس تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران عطائي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون کليل ڇڏي فرار ٿي ويا، ٽيم جيئل شاهه پاڙي ۽ ڳڙهي سٻايو ۾ چار عطائي ڊاڪٽرن اڪبر بنگلاڻي، آفتاب کوسو، ڊاڪٽر محبوب سھتو ۽ واحد بخش ابڙو جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون.