خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سيپڪو عملدارن سب ڊويزن لقمان جي مختلف علائقن ڪرنل شاهه هاسٽل، سٽيزن ڪالوني، ٽالپور ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ بجلي چورن ۽ بل ادا نه ڪندڙن خلاف آپريش ڪري سوين غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي بجليءَ جون تارون پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد انهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي ايس ڊي او سب ڊويزن لقمان رحيم بخش ڦلپوٽو ٻڌايو ته بجلي چورن ۽ بل ادا نه ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.