جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد چنا پاڙي واسڻ پرڻيل عورت شازيه زال عبدالوھاب کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثره عورت سول لائن ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عورت رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي مڙس ٻي شادي ڪئي آهي ھو اوستا محمد رھندو آھي، آئون گھر ۾ اڪيلي رھندي آهيان، عيد جي رات 9 اڻڄاتل گھر ۾ گهڙي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ھن الزام مڙهيو ته ھڪ ڄڻي کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا زيادتي آهي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف سول لائين پوليس ٻڌايو ته عورت پاران اين سي داخل ڪرائڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون.