ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ ھٿياربندن مبينا طور نوجوان ناري کي اغوا ڪري کڻي ويا. ان ڏس ۾ پورھيت محمد رمضان بڙدي جي نوجوان ڌي 20 ورھين جي مومل کي مبينا طور ھٿياربندن پاران اغوا ڪري کڻي ويا آھن وارث ڪڪڙ ٿاڻي تي پھچي واقعي جي اين سي داخل ڪئي آھي. ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي محمد رمضان بڙدي الزام هنيو ته گذريل رات دير سان ھٿياربندن زاھد ٻٻر پٽ قربان ,پسند ٻٻر مٺل سميت 5 جوابدارن گھر اندر داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال ڪري ننڊ ستل نوجوان ڌي مومل کي زبردستي طور اغوا ڪري کڻي ويا آھن، جيڪا ناانصافي آھي. هن ايس ايس پي دادو ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته نياڻي بازياب ڪرائي جوابدان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.