ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش راڄپر ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 40 سالن جو برڪت راڄپر گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. مارجي ويل نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، قتل ٿي ويل نوجوان جي سئوٽ لعل بخش ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان ڏاهري ۽ لاشاري برادري جو پاڻ ۾ زمين جو تڪرار هلندڙ آهي جن پاران پاڻ ۾ فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڌرين پاران اسان جي ڳوٺ ڏي پڻ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو همراهه قتل ٿيو آهي. پوليس موجب همراهه قتل ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.