جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد وچ شهر ٽاور روڊ تي پوليس عورتن سان غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ بلوچستان جي علائقي بختيار آباد واسي نوجوان حضور بخش ماڙو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس نوجوان پاران معافي وٺڻ ۽ ٻيهر اھڙي حرڪت نه ڪرڻ جي خاطري بعد آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس موجب حضور بخش ماڙو وچ شهر ۾ خريداري لاءِ ايندڙ عورتن سان غير اخلاقي حرڪت ڪري رهيو هو، عورتن جي شڪايت تي کيس گرفتار ڪيو، نوجوان معافي ورتي ۽ ٻيهر اھڙي حرڪت نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو، جنهن بعد کيس آزاد ڪيو آهي.